ڪشمور ۾ ڌرڻو، سنڌ جي شعور کي سلام هجي: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ لکيو آهي ته سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي ڪشمور واري ڌرڻي ۾ وڃڻ گهرجي.  هڪ سنڌ سطح جو ڌرڻو قومپرست پارٽين پاران ڪراچيءَ ۾ هنيو وڃي. جيستائين سمورا اغوا ٿيل سلامتيءَ سان نه ورن اهو ڌرڻو ختم نه ڪجي. سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي انتها تي پهچي وئي آهي. هي وقت آهي عوام جو سهارو بڻجڻ جو،افروز ڪٽپر لکيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻو پوري رات به جاري رھيو، ڪشمور واسين جي شعور، جوش ۽ جذبي کي سرخ سلام.امتياز چانڊئي لکيو ته سنڌ ۾ نه هندو محفوظ آهن نه مسلمان. ڪشمور ڪشمير کان وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويو آهي. سرفراز بگٽي ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو اعلان ڪيو. رينجرز ڪجهه به نه ڪري سگهندي. اسٽيبلشمينٽ رڳو سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا چاهي ٿي، باقي انهن جو سنڌ سان ڪو به واسطو ناهي،استاد سومري لکيو ته ڌرڻو ختم ڪريو نه ته ونگ ڪمانڊر جي حڪم تي ڌرڻي تي گوليون هلائينداسين ڌاڙيلن آڏو بيوس ايس ايس پي ڪشمور ڀڀڪيون ڏئي رهيو آهي، انيل تيجواڻي لکيو ته ڪشمور ڌرڻو ختم ڪيو نه ته گوليون ھلائينداسين ايس ايس پي ڪشمور جي ھن بيان جي سخت مذمت ڪجي ٿي ياد رھي ته اھو ايس ايس پي امجد شيخ بگٽي برادري جي ڌرڻي ۾ ادب سان ھٿ ٻڌل بيٺو ھو، ڊاڪٽر قدير ميمڻ لکيو ته ڪشمور جو شعور جاڳي پيو، ڪشمور شھر ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب، بلوچستان بارڊر ديراموڙ بند، ھزارين ماڻھن جي اجتماع اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي هر ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف هر حال هر وقت ۾ مزاحمت ڪرڻ ڄاڻن ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.