ترقياتي فنڊ منجمد ڪرڻ تي پ پ جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط، ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن صوبي جا ترقياتي فنڊ منجمند ٿيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.خط ۾ تاج حيدر چيو ته صوبي  جا ترقياتي فنڊ منجمد ڪرڻ سان عوام جا مسئلا وڌي ويندا، سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کانپوءِ گهرن جي تعمير ضروري آهي.اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي خط ۾ هن وڌيڪ چيو ته غريبن جي بجيٽ تي پابندي لڳائڻ انتهائي ظالماڻو فيصلو آهي.تاج حيدر وڌيڪ لکيو ته مارڪيٽون بند آهن، بجلي جا بل ساڙيا پيا وڃن، ماڻهو روڊن تي آهن.پ پ اڳواڻ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته درخواست آهي ته فوري طور تي جاري ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ بحال ڪيا وڃن.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته نگران حڪومت کي ترقياتي فنڊ بلاڪ ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.