تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجن: مدد علي سنڌي

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجن، جنهن لاءِ شاگرد  تنظيمون ۽ پرنسپال ۽ وائيس چانسلر گڏجي ان لاءِ اخلاقي ۽ انتظامي ظابطا طئي ڪن، جيئن يونين جا تعليمي، تفريحي ۽ شاگردن جي راندين ۽ تعليم جي ميدان تي مثبت صلاحيتون طاقتور ٿي سگهن. هن اها ڳالهه آچر ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن سان ملاقات ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چئي.ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، نائب صدر مشتاق سهيل، گورننگ باڊي ميمبر شمس ڪيريو، ذوالفقار راڄپر، پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر فاضل جمالي، اڳوڻو خزانچي وحيد راڄپر، قاضي آصف، عزيز جمالي، رائو افنان، نواب. شاهه ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالر شپ جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽  اسلام آباد ۾ تعليم واري وفاقي وزارت پاران صحافين لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي خاص طور تي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. مدد علي سنڌي چيو ته سنڌ سميت سمورن صوبن ۾  حڪومت ۽ ميڊيا جي ادارن کي وڏي عمر جي رٽائرڊ صحافين لاءِ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي، جيڪو انهن جي وڏي ڄمار ۾ مالي سهارو بڻجي سگهي، هن وڌيڪ چيو ته وفاقي تعليمي وزارت وفاقي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. انهن جي تعليمي معيار ۽ استادن جي تدريسي تربيت کي بهتر بڻايو وڃي، وفاقي وزير چيو  ته تاريخ ۽ سائنس جي مضمونن ۾ به پي ايڇ ڊي ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ پي ايڇ ڊي استادن جي ضرورت آهي. هن چيو ته  ملڪ جي گڏيل نصاب ۾ ڪجهه مضمون يڪسان هجن پر نصاب ۾ هر صوبي جي تاريخ ۽ ٻين مضمونن کي الڳ رکڻ جي ضرورت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.