شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم پاران تيل جي قيمتن, بجلي جي واڌو بلن، جڙانوالا ۾ اقليتن جي عبادت گاھن تي حملن، فاطمه ڦرڙو ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ليبر ھال کان ھڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، اڳواڻن ڪامريڊ عرس سيلرو، حمل خشڪ، فضل حيدري ڪامريڊ داد بلوچ، ديدار سومرو، امداد لوھر، ياسر عرفات جمالي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ امن امان جا مسئلا گھٽجڻ جي بدران وڌندا پيا وڃن پر حڪومت الائي ڇا پئي ڪري جيڪا ڳڻتي جھڙي ڳالهه آهي، ھنن چيو ته اڳ سالياني بجيٽ ۾ شين جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ واڌ ڪئي ويندي ھئي پر ھاڻي ته ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ شين جا اگھه وڌايا پيا وڃن جنهن جو مثال تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ تيزي اچي وڃڻ مان ظاهر آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ فوري طور تي لاٿ آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ جان محمد مھر ۽ فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي عبرت ناڪ سزا ڏئي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي.