ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ سي ٽي ڊي جا اهلڪار ملوث نڪتا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ سي ٽي ڊي جا اهلڪار ملوث نڪتا، ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي  ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ ٽن اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ذوالفقار لاڙڪ جو چوڻ آهي ته ٽنهي اهلڪارن جعلي ڇاپي ۾ هڪ واپاري کان 3 ڪروڙ رپيا ورتا ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ جي دعويٰ ڪئي. ڊي آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته متاثر واپاري سوناريءَ جو ڪم ڪري ٿو، جيڪو ڪراچي کان ملتان وڃي رهيو هو. واقعي ۾ ملوث ٽن آفيسرن مظهر، شعيب ۽ احسن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.