خيرپور(م ڊ) راڻيپور جي حويلي ۾ مبينا تشدد سبب 10 ورهين جي نينگري فاطمه جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي مرڪزي جوابدار اسد شاهه پوليس کي موبائل فون جو غلط ڪوڊ ٻڌايو، جنهن سبب فون لاڪ ٿي ويوپوليس مرڪزي جوابدار اسد شاهه کي ڪراچي کان خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو آهي، اسد شاهه کي ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ڪراچي آندو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار جي فون جو پن ڪوڊ به حاصل نه ڪري سگهي آهي، جوابدار پوليس کي هر ڀيري غلط ڪوڊ ٻڌايو، بار بار غلط پن ڪوڊ داخل ڪرڻ سبب جوابدار جو فون مڪمل طور بند ٿي ويو آهي.ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد جوابدار حنا شاهه ۽ سندس پيءُ کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جوابدار اسد شاهه ۽ جوابدار امتياز 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي رمانڊ تي آهن.