اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو ۾ معصوم پريا ڪماري سميت ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن جو ھندو پنجائت جي صدر مکي ڌرم داس چاولا جي اڳواڻي ۾ سوين شھرن جو شهيد بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪشمور ضلعي ۾ بدامني سبب وارداتن خلاف سخت نعري بازي ڪندي پرياڪماري ۽ ھندو برادري جي ٽن مغوين سميت سڀني مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي گھر ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي ڪشمور جي پوليس انتظاميا جي نااھلي سبب سر عام اغوائن جو سلسلو بند نه ٿي سگھيو آھي ھتان جا ماڻھون غير محفوظ آھن خوف ۾ ورتل عوام گھرن تائين محدود ٿيل انتظاميا جي ناقص ڪارگردگي سبب اڃان تائين معصوم پريا ڪماري سميت ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين کي ڪير بازياب ڪرائيندو