سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: صنعان قريشي

ڪشمور (پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته ڪشمور ۾ ديوانن جي ڌرڻي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن شامل آهن،  ڪشمور، ڪنڌڪوٽ سميت گهوٽڪي جيڪب مان اغوا ٿيل ديوانن سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪيو وڃي، هن چيو ته پوليس پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻار اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن، واپاري ۽ عام ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو به نٿي ڪري، ويتر پنهنجي عزيزن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي پوليس اکيون ٿي ڏيکاري، لاٺي چارج جا ڌڙڪا ٿي ڏئي، جيڪڏهن پوليس ڌرڻي مٿان ڪاھ ڪئي ته ايس ايس پي ڪشمور جو گهيراءُ ڪيو ويندو، سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو،جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي جي هدايتن تي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر پهچي ديوانن سان ڌرڻي ۾ ويهي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.