رپئي جي مقابلي ۾ افغان ڪرنسي 29.3 سيڪڙو مستحڪم: ورلڊ بينڪ

ڪراچي (م ڊ) ورلڊ بينڪ هلندڙ سال افغانستان جي  معاشي صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال مهانگائي جي شرح ۾ 9.1 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ افغان ڪرنسي 29.3 سيڪڙو مستحڪم ٿي، ورلڊ بينڪ افغانستان جي معاشي صورتحال جي نگراني ڪندڙ اداري معاشي ڏکيائين جي ور چڙهيل افغانستان جي حوالي سان معاشي ترقي سان گڏوگڏ معاشي اکن اکرن جي سمري جاري ڪئي آهي، ورلڊ بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ يو آهي ته وڌندڙ مهانگائي ۾ شين جي ترسي ۾ واڌ ۽ منڊي ۾ ايشيا جي وڏي پيماني تي دستابي جي ڪري اپريل 2023 کان گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي هئي، ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2023 ۾ ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، مهانگائي جي شرح ۾ 2.8  سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.