ڪنري ۾ ڳوٺاڻي کان ڦر واقعي ۽ بدامني خلاف 5 ڪلاڪ ڌرڻو، هڙتال

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ڀرسان ڳوٺاڻي کان ڦر واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، مڇريل ڏنڊا برادر ماڻھن شھر بند ڪرائي ڇڏيو، روڊ بلاڪ، 5 ڪلاڪن تائين ھڙتال ۽ ڌرڻو هنيو ويو، ھڪ ڏينھن اڳ ڪنري شھر ۾ اسڪول مان ٻارن کي وٺي گھر موٽندڙ ڳوٺاڻي وقار آرائين کان نوان پنڊي ڀرسان ڳوٺ زاھد نديم  آرائين وٽ هٿياربندن موٽرسائيڪل، موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن پاران پيرا کنيا ويا ۽ واراڙو پوليس سميت ڳوٺ مھپاري پھتو، جتي 10 ڪلاڪن تائين گھيري بعد واراڙو خالي هٿين واپسي موٽي آيو، آرائين اتحاد جي سڏ تي شھر جي مک آمريڪن چوڪ تي وڏي تعداد ۾ علائقي واسين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، اڳواڻن خالد آرائين، آصف چوڙا، چوڌري ھمايون، رضوان،عاشق علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته هٿياربندن معصوم ٻارن ۽ نوجوان وقار آرائين تي ڏينھن ڏٺي جو هٿيار تاڻي حراس ڪري ڦرلٽ ڪئي، ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪوبه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي، ھنن چيو ته سموري ضلعي جي پوليس اٽالن جي پھچڻ باوجود جوابدار هٿ نه اچي سگھيا، پوليس ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، ڏوهارين ۽ چورن تر تپائي ڇڏيو آھي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، روزانو جي بنياد تي موٽرسائيڪل ڦر ۽ چوري جا واقعا وڌي رھيا آھن، جنھن سبب عوام راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آھي، مظاھرين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي جو امن بحال ڪرائي جوابدار گرفتار ڪري پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو، ايس ايڇ او  وجئي ڪمار کتري ۽ مختيارڪار ثناءُالله ابڙو سميت واپاري اڳواڻن پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، پوليس پاران ڦر واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي مھلت گھري، مظاھرين پوليس کي 36 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪري علائقي ۾ امن بحال ڪرائڻ جي الٽيميٽم بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.