ڏهرڪي ۾ اغوا واقعن خلاف هندو برادري سراپا احتجاج

ڏھرڪي (منصور پيرزادو+اجيت ڪمار) ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي هندو، سک برادري ۽ مينگهواڙ برادرين سميت مختلف سياسي سماجي تنظمين ايس ٽي پي، جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان هٿياربندن پارن اغوا ڪيل مکي جگديش ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير احمد نائچ  ۽ روهڙي جي معصوم مغوي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پنچائتي هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي جامع مسجد چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ،  ان موقعي تي مکي انيل ڪمار، مکي ڪيلاش جوت، مکي راجڪمار. مکي نامچند، ڊاڪٽر شيوڪ ڪمار، سيٺ جواهر لال ڪٽاريا،سنت ڪمار، مکي نند لال، ڄام معشوق سميجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جنهن صوفين ۽ اوليائن هميشه سنڌ واسين کي امن جو درس ڏنو آهي پر هڪ سازش تحت سنڌ ڌرتي جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي. خاص طور ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر، گهوٽڪي ۽ شڪاپور ۾ پوليس جي رٽ نه هئڻ سبب اتر سنڌ جا ڪجهه ضلعن ۾ اغوا انڊسٽري جو راڄ وڌڻ سبب ماڻھن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان مکي جگديش ڪمار، ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي اغوا ڪري ڌاڙيلن کين ڪچي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. اغوا ڪار مغوين جي آزادي لاءِ  ڀنگ جي ڳري رقم لاءِ ھنن مٿان وحشاڻو تشدد ڪن پيا. تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري دھشت پکيڙي پئي وڃي. هنن چيو ته اتر سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي عوام مغرب کان اڳ گھرن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسي پيو. ان باوجود پوليس جي جونءِ نه ٿي چري. ان ڪري سنڌ پوليس مٿان اسان جو ويساھ نہ رھيو آھي جنھن ڪري اسان آرمي چيف کي اپيل ٿا ڪريون تہ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور سميت سنڌ مان اغوا ٿيل مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائي ڏني وڃي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اغوا انڊسٽري جو راڄ ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.