مکي جڳديش، پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي ۾ ڌرڻو

گهوٽڪي(آزاد مھر) گهوٽڪي ۾ مکي جڳديش، پريا ڪماري ۽ ساگر سميت ٻين مغوين جي بازيابي توڙي بدامني ۽ اغوا وارداتن ۾ واڌ  خلاف هندو برادري، شهري اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي سوين ماڻهن جو احتجاجي ڌرڻو، سرڪاري باغ گھوٽڪي  کان پپل چوڪ  تائين  ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، ضلعي جي مختلف شھرن مان مبينا اغوا ٿيل، پنهنجي ايندڙ نسلن جي بچاءُ خاطر روز بروز اغوا ڌاڙا چوريون، ڦرون ۽ اغوا ٿيل ڪنڌڪوٽ کان ويندي ڪشمور، شڪارپور، سکر، صالح پٽ ،گھوٽڪي ضلعي سميت سموري سنڌ ۾ جيڪا بدامني جي باھ ڀڙڪي اٿي آھي ان بدامني خلاف هندو پنچائت گھوٽڪي  ۽ سياسي سماجي جماعتن جي ڪارڪنن سول سوسائٽي جي ماڻهن، ڊاڪٽر درشن لعل جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب گهوٽڪي کان پپل چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ گهوٽڪي ۾ مسلم ن ليگ جي سابقه ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال،مسلم ليگ ن جنرل سيڪريٽري لالا قيصر پٺاڻ ،هندو پنچائت جو مکي ڪيڪارام،ايڊوڪيٽ سڌام چند ،چندر لعل ،لعل بخش گهوٽو،رئوف پارس دايو،ثناالله مھر،علي اصغر ملهڻ،بيشم لعل شامل هئا،ميڊيا سان ڳالهائيندي  اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ۽ قتل روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، شهرين  کي ڏوهارين جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.مظاهرين چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آرمي ذريعي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرائي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.