جي ٽوئنٽي  اجلاس ۾ چيني صدر جي شرڪت غيريقيني ٿي وئي!

چيني صدر شي جن پنگ  ايندڙ هفتي هندستان ۾ G20  جي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جو امڪان ناهي.ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب ٻن ھندستاني  عهديدران ، چين ۾ مقرر سفارتڪار ۽ جي 20 گروپ ۾ شامل ھڪ  ملڪ ۾ مقرر عملدار   جو چوڻ آهي ته چيني وزيراعظم لي ڪيانگ 9 سيپٽمبر کان 10 سيپٽمبر  تي نئين دهلي ٿيندڙ اجلاس ۾ چين جي نمائندگي ڪندو.جيتوڻيڪ G20  جي اجلاس ۾ چيني صدر جي شرڪت نھ ڪرڻ بابت ڪنھن بھ قسم جو ڪو وضاحتي بيان جاري نھ ڪيو ويو آھي.

ايشيا جي ٻنھي وڏن ملڪن ۾ علائقائي تڪرار آھي، ٻئي پاسي اھي ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڪيترائي واپار ڪري رھيا آھن،پر ھن وقت ھندوستان ۾ ٿيندڙ اجلاس انتھائي اھم قرار ڏنو پيو وڃي.پرڏيهي خابرو اداري ”ڪيوڊو“ موجب چيني وزيراعظم لي ڪيانگ 5 کان 7 سيپٽمبر تائين انڊونيشيا ۾ ٿيندڙ اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي اڳواڻن جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جڏهن ته، جي 20 جي ملڪن جو  اجلاس 9 کان 10 سيپٽمبر تائين نئين دهلي ۾ ٿيندو. ھن کان اڳ خبرون هيون ته چيني صدر ، جي 20 ملڪن جي اجلاس ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب جوبائيڊن سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. آمريڪي صدر ملاقات ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ٻنهي سپر پاور ملڪن ۾ ڪيترن ئي واپاري ۽ جيو پوليٽيڪل مسئلن جي ڪري ڇڪتاڻ موجود آھي.جنھن بعد اھي ملڪ  پنهنجن  لاڳاپن کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.چيني صدر ،شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن  وچ ۾ آخري ڀيرو ملاقات  گذريل سال نومبر ۾ ٿي هئي. جتي انهن ٻنهي اڳواڻن انڊونيشيا ۾ ٿيندڙ ،جي 20 ،اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته هو نئين دهلي ۾ جي 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سرگئي لارئوف روسي صدر جي جاءِ تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.ھندوستان  جي هڪ سينيئر سرڪاري ٻڌايو ته، اسان کي خبر آهي ته چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ اجلاس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو يا نھ ڪندو.

تازو ڪجھھ آمريڪي اڳواڻن جي چين جي دور ڪرڻ بعد چين جي صدر شي جن پنگ ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن وچ ۾ ملاقات جو امڪان پيدا ٿيو ھو.

ھندوستان ۾ ٿيندڙ جي ٽونٽي ملڪن جي اھم اجلاس ۾ چين جي صدر جي شرڪت نھ ڪرڻ جو سبب معلوم نھ ٿي سگھيو آھي.پر ان تي گھڻا ئي حيران ٿي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.