لطيف سائين جي شخصيت ۽ فڪر کي سمجهڻ جي ضرورت

تحرير: آزاد اي رحمان سپڙو

شاهه  سائين جي شاعري، سندس شخصيت، فهم،  فڪر ۽ فلسفي تي وڏن وڏن عالمن، اڪابرن ۽ محققن ڪتاب لکيا آهن جن شاهه  سائين جي سمورن پاسن کي سماج جي آڏو زبردست انداز ۾ بيان ڪيو آهيو پر انجي باوجود به ڪيترائي ليکڪ ۽ قلمڪار اهو اعتراف ٿا ڪن ته شاهه  سائين علم جو هڪ اهڙو اونهو سمنڊ آهي جنهنکي مڪمل طور سيني ۾ سمائڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي، جڏهن به کيس نئين انداز ،  نئين رخ ،  نئين سوچ ۾ ڏسبو ۽ پڙهبو ته معلوم ٿيندو شاهه  صاحب قديم دؤر کان جديد دؤر جو هڪ عالمگير شاعر لڳندو.

شاهه  سائين اهو شاعر آهي جنهن انهيءَ  وقت جي سماجي، ملڪي توڙي قومي، معاشي، رسمن، رواجن ۽ حالتن جو نه صرف مطالعو ڪيو هيو پر هن پيرين پنڌ ڪري الائي ته ڪيترو گهڻو سفر ڪري، دور دراز وڃي، حالتن جو مشاهه دو ڪيو ، ڳوڙهي ويچار ۽ غور فڪر سان شاعريءَ  ۾ هر پهلوءَ کان اهڙي ته موتين جي مالها پوئي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان وڏا وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ محقق به دنگ رهجي وڃن ٿا.شاهه  سائين کي سماج جو هر طبقو پنهنجي دردن ۽ سورن جو حقيقي ترجمان طور شاعر تصور ڪري ٿو.

ڪنهن چيو ته شاهه  سائين پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، ڪنهن چيو ته شاهه  سائين، مظلومن ۽ محڪومن جو شاعر آهي، ڪنهن چيو ته شاهه  سائين، ديس ۽ وطن سان محبت ڪندڙ ملڪ لاءِ محافط ۽ سالار آهي، ڪنهن چيو ته شاهه  سائين سادن ۽ اٻوجهن جو شاعر آهي، ڪنهن چيو ته شاهه  حسن ۽ جماليات جو شاندار شاعر آهي، ڪنهن چيو ته شاهه  صاحب ايڪي، اتحاد ۽ محبت کي قائم رکي، ظلم و جبر ۽ ڏاڍ جي سامهون دشمنن جي آڏو جبل جيان ڄمي بيهي مقابلي جو درس ڏيندڙ عظيم شاعر آهي، مطلب ته شايد ڪوئي اهڙو طبقو مشڪل سان هجي، جنهن شاهه  سائين کي پنهنجي طبقي جي ترجماني ڪندڙ شاعر نه سمجهو هجي.

مثالطور

شاهه  سائين ڪٿي ايڪي ۽ اتحاد جو درس ڏيندي چوي ٿو،

وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو  پکيئڙن ، ماڻهان  ميٺ  گهڻو.

ٻئي هنڌ شاهه  سائين ڪيني ۽ حسد کان پري رهي پنهنجي من کي اجرو ۽ صاف رکڻ لاءِ هر صورت ۾ صبر جو پيغام ڏيندي هڪ حرف به نه ڪڇڻ جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته

هو چون، تون  م  چئه ، واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو  ڪري، خطا سو کائي،

پانڌ ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي

لطيف سائين ڪٿي وري انجي بلڪل ابتڙ پر سو به شاندار ۽ ڪمال جي انداز ۾ دشمنن سان ڄمي بيهي مقابلو ڪرڻ جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته

سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا، وڙهh ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،

مٿان  تيغ  ترار  ، مار  ته  متارو  ٿئين.

هڪ ٻئي هنڌ لطيف سائين هڪ بهادر جنگي سالار جي خوبين بابت، ڪيڏو ته شاندار انداز ۾ بيان ڪيو آهي

ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛

وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

شاهه  سائين هڪ هنڌ، محبتن سان سرشار ، مارن جي ديس ملير بابت هڪ شاندار آس ۽ اميد رکندي ڪيترو ته خوبصورت انداز ۾ چيو آهي ته

نڪا جهل نه پل ، نڪو رائر ڏيهه ۾،

آڻيو  وجهن  آهرين ،  روڙيو  رتا  گل،

مارون  پاڻ  املهه،  ملير ئي مرڪڻو.

لطيف سائين مارئي جي روپ ۾ صرف ٻن سٽن اندر پنهنجي سڄڻ ۽ ساڻيهه سان محبت ۽ سڪ جو ڪيڏو ته لازوال، شاندار ۽ ڪمال جو مثال ڏئي وطن جي سوداگرن کي بي نڪو چئي ۽ کين تمام گهڻو ننديو آهي جو، اسانکي اهڙو ٻيو ڪٿي مثال نه ملي سگهندو،

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ  وسري

حيف تنين کي هوءِ  وطن جن وساريو

لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ  ۾ مارئي جي روپ ۾ عمر جي سمورين هيرن، جواهرن توڙي هر قسم جي لالچ کي ٺڪرائيندي پنهنجي ديس ۽ مارن سان محبت ۽ وفا جي انتها جو شاندار مثال ڏئي، ديس جي سوداگرن ٽڪي تي وڪامجندڙن کي شرمائيندي ايترو چيو آهي جو اسانکي انجو پڻ ٻيو ڪوئي به مثال نٿو ملي سگهي.

ايءَ  م مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،

اچيو عمر ڪوٽ ۾ ، آءُ ڪنديس ڪان ڪريت،

پکن جي  پريت ، آءُ ماڙين مور نه مٽيان.

سچ پچ ته اڄ جي دؤر ۾ هن دولت ۽ زر جي پوڄاري وطن فروشن کي انهيءَ  عظيم مثال مان وڏو درس وٺڻ جي ضرورت آهي.لطيف سائين سسيءَ  جي روپ ۾ وري اسانکي منزل ڏي اڳتي وڌڻ لاءِ ڏکن کان ڪڏهن به نه گهٻرائڻ جو جيڪو درس ڏنو آهي اهو پڻ ڪمال جو آهي.

معلوم ٿئي ٿو ته شاهه  سائين گهڻي قدر ڏکن کي ترجيح ڏني آهي تڏهن ئي هينئن چيو آهي.

ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو

شاهه  سائين جي پيغام ۾ حوصلو آهي ، ڏکن سان مقابلو ڪرڻ جو درس آهي، مسلسل جدوجهد ۾ رهي منزل طرف وڌڻ جو گس ٻڌايل آهي.

شاهه  سائين جي فلسفي موجب گهڻا سک ۽ آرام ماڻهوءَ کي ڪاهل، نڪمو، ٽوٽي ۽ سست بڻائي ڇڏيندا آهن، سک منزل طرف وڌڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجندا آهن، سک عارضي ۽ بيوفا هوندا آهن، تڏهن شاهه  سائين سسئي جي روپ ۾ پنهنجي هڪ شعر ۾ فرمايو آهي ته

تن ڏکن کي شاباس، جن مونسين گهاريو،

جيسين رهيس جبل ۾، تيسين رهيا، مون پاس،

جڏهن پنهل ساڻ گڏياس، تڏهن هيڪاندا هليا ويا.

سچ پچ ته شاهه ه سائين جو فلسفو اڄ جي اونڌاهي دؤر مان نڪرڻ جو رستو آهي، جدوجهد ڪرڻ جو پيغام آهي، هڪ روشنيءَ  جي آس ۽ اميد آهي، ديس خاطر هر هڪ شئي ۽ هر هڪ لالچ کي ٺڪرائي ڇڏڻ جو ۽ مڙس ٿي ميدان ڪرڻ جو درس ڏنل آهي، ڪنهن به ريت نه جهڪڻ جو حوصلو ڏنل آهي.انتهائي افسوس آهي جو اڄ اسانجو نئون نسل ڀٽائي صاحب جهڙن عظيم انقلابي مفڪرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان گهڻو دور آهي.ڪيترائي وڏا محقق ان نتيجي تي پهتا آهن ته شاهه  سائين شيڪسپيئر کان به تمام گهڻو وڏو شاعر آهي.هميشه اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته قومن لاءِ پنهنجي عظيم اڳواڻن ۽ هيرن جا ڏهاڙا، سماج ۾ تمام وڏي اهميت رکندڙ هوندا آهن، انهن ڏينهن کي سلجهيل ۽ باشعور قومون يوم حساب سمجهي، غور ويچار ڪري، پنهنجو جائزو وٺي ۽ حقيقي منزل جو تعين ڪنديون آهن.

اڄ جي نوجوانن کي صلاح ٿي ڏجي ته اچو اڄ لطيف کي پڙهو، شيڪسپيئر کي پڙهو، اقبال کي پڙهو، شيخ اياز کي پڙهو، غالب کي پڙهو، حبيب جالب کي پڙهو، فيض احمد فيض کي پڙهو، عظيم انساني آدرش رکندڙ هن ملڪ توڙي سنڌ جي سمورن بهترين انقلابي شاعرن کي پڙهو ته جيئن اسان رڳو صرف لطيف سائين جي ڏهاڙي تي رسمن سرڪاري تقريبن ۾ حصو وٺي ۽ ڪي سچا ته ڪي ڪوڙا ايوارڊ حاصل ڪري، تصويرون ڪڍرائي، صرف نالي ۾ لطيف سائين جو ڏهاڙو ملهائيندڙن ۾ شامل نه ٿيون پر لطيف سائين جي فلسفي مطابق سمورن مظلوم، مجبور ۽ محڪوم طبقن سميت پنهنجي ديس جي مارو ماڻهن سان حقيقي محبت ڪندڙ بڻجون ۽ لطيف وانگر سنڌ سميت سموري عالم ۾ امن جا سفير بڻجي لطيف سائينءَ جي فڪر جا سچا عاشق ٿي سنڌ ڌرتيءَ  سميت پوري عالم لاءِ دل ۾ محبت رکندڙ ۽ امن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار بڻجي سگهون، جنهن لاءِ لطيف سائين هي دعا گهري آهي ته

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار ، عالم سڀ آباد ڪرين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.