مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان جي صورتحال، جمهوريت ۽ مسئلن بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني سياست مان ڪوڙ ۽ ڇڪتاڻ جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي ۽ 2014ع بعد ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان مقصد لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوازشريف کي پاڪستان اچي ۽ عمران خان ۽ سندس ساٿين جي آزاديءَ لاءِ مهم شروع ڪرڻ گھرجي، جيڪي رياستي جبر هيٺ آيل آهن.
اها ڳالهه قبولڻ جھڙي ناھي، پر نواز شريف قومي مسئلن بابت ڪالم نگار مزمل سهروردي سان پنهنجي گفتگو ۾جيڪو اظهار ڪيو آھي. ان لاءِ کيس ئي سٺو مثال قائم ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ذاتي شھرت ۽ سياسي مارڪيٽنگ لاءِ پسند جي صحافين کي ڏنل انٽرويوز ذريعي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ اجايون آھن.اھو عوام کي دوکو ڏيڻ آھي.
نواز شريف کي ڄاڻڻ گهرجي ته هو ۽ سندس سمورا ساٿي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف خلاف ملڪ کي تباهه ڪرڻ جا الزام ھڻن ٿا. اهي الزام هاڻي سندس ئي پارٽيءَ لاءِ سچ ثابت ٿي رهيا آهن. عمران خان تي 2018ع جي اليڪشن کٽڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ فوج سان ملڻ جو الزام آهي. نواز شريف اينڊ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هن هائبرڊ نظام ملڪ ۾ معيشت ۽ جمهوريت جون پاڙون پٽيون آهن. پر شهباز شريف حڪومت جي 16 مهينن کانپوءِ اها دعويٰ غلط ثابت ٿي رهي آهي.ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ عوام بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف روڊن تي احتجاج پيو ڪري، اھو معاھدو شهباز حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيو هو.
نگران حڪومت موجب ان جا هٿ ٻڌل آهن. نگران سرڪار ان ڊيل ڏانهن اشارو ڪري ٿي جيڪا شهباز حڪومت آءِ ايم ايف کان ٽي ارب ڊالرن جي لاءِ عبوري پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ واسطي ڪئي ھئي.
کڻي درست ھجي تھ شهباز حڪومت وٽ معاهدي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو رستو هو؟ پر اها ڳالهه تڏهن ڪبي، جڏهن مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ معاشي بدحالي جا الزام تحريڪ انصاف جي حڪومت تي مڙهڻ کان پاسو ڪن. عمران خان تھ پي ڊي ايم جي سياسي دٻاءَ جي ڪري آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کان کان ھٽيو ھو. ان کانپوءِ شهباز شريف کي اتحادي جماعتن سان گڏجي معيشت جي بحاليءَ جو منصوبو مڪمل ڪرڻو پيو.
ادارن ۽ عدالت اسحاق ڊار کي واپس گهرائڻ لاءِ رليف ڏنو. پر نواز شريف جو اهو ماهر به ڪا بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب نھ رھيو.نھ ڊالر جي قيمت گهٽي، نه سيڙپڪاري ٿي،نه پيداوار وڌي ۽ نھ ئي ملڪي برآمدات وڌي.
تازو ئي نواز شريف ميڊيا ذريعي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهباز حڪومت بهتري آندي، پر ان دعويٰ ۾ ڪو وزن ناهي ۽ ملڪ جي معيشت جا انگ اکر اهڙي دعويٰ کي ھٿي نٿا ڏين. ان جي باوجود جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت کي موجودھ معاشي صورتحال جو ذميوار نٿو قرار ڏئي سگهجي ته پوءِ سموري ذميواري شهباز شريف جي اتحادي حڪومت تي عائد نه ٿي سگهي.بيچيني ۽ نااميدي سبب معاشي بحاليءَ جو ڪم شروع ٿي ئي نھ سگهيو. ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ جن جي ادائگي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ جڪم جي ضرورت آهي، اھا نٿي نظر اچي.
سياسي تڪرار ملڪ جي فضا ۾ بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو آھي. شهباز شريف جي 16 مھينا وزيراعظم رھڻ جي خواهش پوري ڪري ورتي، پر ان خواهش جي تڪميل ملڪ کي معاشي طور هڪ ڏهاڪو پوئتي ڌڪي ڇڏيو.سياسي مقبوليت بچائڻ لاءِ شروع ۾ سخت فيصلن کان پاسو ڪيو ويو، پر جڏهن قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ چين ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن به آءِ ايم ايف جي منظوري کان سواءِ سيڙپ کان انڪار ڪيو، ان تي عالمي اداري جي شرطن آڏو گوڏا کوڙيا ويا.
مسلم ليگ (ن) جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي ته ڪيئن ووٽرن کي واپس پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ عوام ۾ عمران خان جي مقبوليت جي اسپيل کي ڪيئن ٽوڙي. نواز شريف کي سمجهڻ گهرجي ته اها صورتحال سندس راءِ سان ايندڙ بي اعتمادي رٿ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي سبب پيدا ٿي. نھ تھ عمران خان ان سياسي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور ٿئي ها. جيڪا هن وقت نواز ليگ ادا ڪري رهي آهي. پر چند مهينن جي تڪڙ ۽ سياسي اهميت واري لمحي ۾ ڪيل فيصلن جو ڳرو بار مسلم ليگ (ن) تي پئجي ويو آهي.
شهباز شريف جي حڪمت عملي سان ڪھڙو رستو کليو آھي؟ اها پاليسي فوجي اسٽيبلشمينٽ جي طاقت ۽ اثر کي وڌائڻ ئي آھي ۽ اهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خلاف اهي حربا استعمال ڪيا وڃن، اھا ئي ڪمائي ڪري ويو آھي.ساڳيو طريقو جيڪو 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) خلاف استعمال ڪيو ويو ھو.تاريخ شاهد آهي ڌانڌلي واري اليڪشن سان ملڪي نظام ۾ استحڪام جو ڪو به امڪان پيدا نھ ٿيندو آھي. نوازشريف تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران ”ووٽ کي عزت ڏيو“ ۽ عوامي خودمختياري جو نعرو ضرور لڳايو ، پر جڏهن جنوري 2020ع ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي مدت وڌائڻ لاءِ قانون سازي جي حمايت سان اھو نعرو بھ فوت ٿي ويو.
رھيل سھيل ڪسر شهباز حڪومت جي چاپلوسي ۽ قانونن ذريعي فوجي طاقت ۾ واڌ سان پوري ٿي وئي.انهن فيصلن جو مقصد عمران خان جو سياسي روڪڻ ھو. ملڪ مان سياي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ جمھوري حڪومت قائم ڪرڻ جي خواھش ڪندي،ميان نواز شريف کي ان سوال جو به جواب ڏيڻ گهرجي ته، ڇا مخالف سياسي پارٽين کي ميدان مان ڪڍڻ ۽ مخالف سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ سان جمهوري نظام حاصل ٿي سگهندو؟ ڇا اهو جمھوريت مستحڪم ٿيندي ؟ جيڪڏهن پاڪستان جي عوام کي اهو ئي رستو چونڊڻو هو ته پوءِ تحريڪ انصاف حڪومت خلاف ڪهڙي منهن سان مهم هلائي وئي ؟
روزاني ايڪسپريس نيوز جي ڪالم نگار کي ڏنل انٽرويو ۾ نواز شريف چيو ته ”ان تڪرار ملڪ کي ڇا ڏنو آهي. ملڪ کي اڄ ٻيهر اتحاد جي ضرورت آهي. گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سان گڏ هلڻ جا رستا ڳولڻ گهرجن. سياسي ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جو رستو ڳوليندا آهن.اھو آھي سياست جو حسن. جيڪي سياسي قوتن جي ڳالهه نٿا ڪن، انهن جو انجام سڀني جي سامهون آهي. جيڪڏهن توهان سياست ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي سياسي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اختلاف جي به حد هئڻ گهرجي. اهي سڀ ڳالهيون مڃڻ جي باوجود نواز شريف ان ڳالهه تي متفق نه ٿي سگهيو ته عمران خان سياسي ڳالهين کان انڪار ڪيو آھي ته پوءِ کيس جيل ۾ وڌو وڃي. حقيقت اها آهي ته انهن جي مخالف سياسي اڳواڻن کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي ۽ اعلان ڪرڻ گهرجي ته سياسي اختلاف يا ته چونڊن ذريعي حل ٿي سگهن ٿا يا سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ گڏجي ڪو رستو ڳولي سگهن ٿا. ڪنهن هڪ سياسي پارٽي کي نشانو بڻائڻ سان ڪو به مسئلو حل نه ٿو ٿئي.
مسلم ليگ (ن) مقبوليت وڃائي ويٺي آهي. ووٽ بئنڪ محدود ٿي رهيو آهي. مخالف ڌر خلاف سازش ڪرڻ ۽ ان کي واپس وٺڻ لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ملي ڀڳت ڪرڻ بدران نواز شريف پاڪستان اچي ۽ عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪندي پنهنجي سياسي مهم جي شروعات ڪري ۽ اهو واضح ڪري ته اهڙي اليڪشن جي ڪا به اهميت نه هوندي، جنهن ۾ ڪنهن مقبول سياسي پارٽيءَ جا کنڀ ڪٽيا ويا هجن ۽ نواز شريف جي اها خواهش پوري ٿي سگهي ٿي ته اهڙو جرئتمند موقف اختيار ڪري ته ”پاڪستان سان ظلم ڪندڙن کي معاف نه ڪيو وڃي“. نواز شريف 2014ع واري ڌرڻي کي ان تباهي جو شروعاتي نقطو قرار ڏئي ٿو. جيڪڏهن ان دليل کي درست مڃيو وڃي ته پوءِ ان جي ذميواري عمران خان تي وجهڻ بدران جنرل باجوا ۽ ان جي ساٿين تي وجھڻ گھرجي.
جيڪڏهن نواز شريف واقعي ملڪ ۾ عوام جي حق حڪمرانيءَ ۽ جمهوري نظام خلاف سازش ڪندڙن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿو ته پوءِ هو شهباز شريف جي ذريعي اسٽيبلشمينٽ سان ’پل ٺهڻ‘ بدران سياسي قوتن سان اتحاد ڪري.ڇا نواز شريف ان عمل ۾ مينهن جو پھريون فڙو بڻجي عمران خان جي سياسي ۽ جمهوري حق لاءِ مهم هلائي سگهي ٿو ؟