ملڪ ۾ عوام بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي خلاف احتجاج ڪري رھيو آھي.تھ مٿان وري حڪومت توانائي جي ٻين اسمن جي قيمتن ۾ وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪري رکيو آھي.نگران حڪومت دانھون ڪري رھي آھي تھ ھن جا ھٿ ٻڌل آھن، اھڙي دانھن جو مطلب ھي آھي تھ عالمي ادار سان ڪيل معاھدي ۾ اھي ڦير ڦار ڪرڻ جا مجاز ناھن يا وري اھا نگران سرڪار جي ڪا ترجيح ناھي.
جيتوڻيڪ ملڪ جي بگڙيل معاشي صورتحال جو سموري الزام پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيل فيصلن تي مڙھيو ٿو وڃي پر جيڪڏھن حقيقت جي اک سان ڏسجي تي مسلم ليگ ن جي قيادت ۾ اقتدار جي واڳ سنڀاليندڙ اتحادي حڪومت پڻ ڪا گھٽتائي ناھي ڪئي.
ھن وقت جي معاشي بدحالي جو اصل سبب اتحادي حڪومت جو ڪيل اھو معاھدو آھي،جنھن کي آخري وقت ۾ عالمي اداري جي اڳيان گوڏا کوڙي ان جا ڪڙا شرط قبول ڪيا ويا ھئا. ان جي ئي مھرباني آھي جو بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي سان گڏ تازو پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي، جنھن جي ڪجھھ ئي ڪلاڪن بعد ايل پي جي، گئس جي قيمتن ۾ پڻ واڌ جو اعلان ڪري عوام کي وڌيڪ بيوس ڪيو ويو آھي،جنھن جو اثر ھاڻي ريلوي جي ڀاڙن تي پيو آھي، ريلوي اختيارين ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو آھي.جنھن تي 2 سيپٽمبر تي عمل ٿيندو.
ايل پي جي، 38 رپيا 97 پئسا في وڌائي وئي آھي.اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 11.8 ڪلو گهريلو سيلينڊر 459 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 2 هزار 833 49 پئسا ٿي ويو. پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.جنھن سان ھاڻي ملڪ ۾ پيٽرول جو اگهه 305 رپيا 36 پيسا ۽ ڊيزل 311 رپيا 84 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي.اھڙي ريت نگران حڪومت پيٽرول تي ليوي بابت آءِ ايم ايف جو شرط پورو ڪري ڇڏيو آهي.جنھن مان اھو ثابت ٿي ويو تھ نگران توڙي ان کان اڳ واريون چونڊيل حڪومتون عوام نھ پر عالمي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون رھيون آھن.
اتحادي حڪومت جي ڪيل فيصلن ۽ ان جي عملن جو اصل محور پي ٽي آءِ لاءِ رستو تنگ ڪرڻو ھو،جنھن ڪري عوام جي ڀلائي بابت ڪنھن بھ حڪمت عملي تي ڪم نھ ڪيو ويو، 16 مھينن واري ملڪ جي 13 جماعتن جي گڏيل حڪومت جيڪي ڪم ڪيا ۽ قانون جوڙيا ان جو اصل مقصد اسٽيبلشمينٽ لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ ھو،آخري وقت ۾ جڏھن ملڪ کي ڪنھن بھ دوست ملڪ باقي قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھو تھ تڪڙ ڪندي عالمي ادار جي آڏو جھڪي پئي ۽ ان جا ڪڙا يا عوام جي لاءِ ھاڃيڪار شرط قبول ڪيا ويا.انھن آخري 50 ڏينھن ۾ ئي ڪيل فصلن جو اثر ھاڻي پڌرو ٿي رھيو آھي،ان ڪري ئي ھر قسم جي ٻارڻ ۽ توانائي جي اسم کي مھانگو ڪيو پيو وڃي.
نگران حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي کان عوام کي بچائڻ جي لاءِ ڪو بھ فيصلو تھ نھ ڪري سگھي آھي، الٽو عوام جي جاري احتجاج جو ڪو بھ نوٽيس نھ ورتو ويو ۽ مٿان کان وري پيٽرول،ڊيزل ۽ ايل پي جي ، جي قيمتن ۾ بھ اضافو ڪيو ويو.عام ماڻھن جي زندگيءَ ۽ موت واري ھن مسئلي کي ملڪ جو اختياريون تاحال سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن بھ سطح تي ڪا صلاح مشوري ڪرڻ يا وري انھن بابت ويچارڻ جي زحمت ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
حالتن جي گھرج تھ اھا ئي آھي تھ حڪومت ۽ اصل واڳ ڌڻين کي عوام جي حقيقي معاملن ڏانھن ترجيحي بنيادن تي غور ڪرڻ ۽ ان جو قبولڻ جوڳو حل ڳولڻ گھرجي ٻي صورت ۾ جاري رھندڙ حالتون ڪنھن خطرناڪ طرف بھ وڃي سگھين ٿيون،جنھن جي ذميواري ھن وقت اقتدار وارين ڌرين تي پوندي.
-
خيرپور ضلعي ۾ مليريا جو آزار وڌي ويو
خيرپور ضلعي ۾ مليريا تيزي سان پکڙجي وئي آھي ۽ ضلعي جي سمورن علائقن ۾ سوين ماڻھن مليريا جي مخلف قسم جي بخار ۾ ورتل آھن،ٻئي پاسي ھن ايڪھين صدي ۾ پڻ خيرپور ۾ مليريا جي دوا جي کوٽ ٿي پئي آھي.سنڌ جو ھي ضلعو واپار جو اھم مرڪز آھي، ھتي جون سياسي ڌريون ھر دور ۾ سياست ۾ اڳڀريون رھيون آھن، ان ھوندي بھ ھن وقت ضلعي جي مختلف شھرن جي اسپتالن مان اھا دانھن ملي رھي آھي تھ اتي سھولتون جي کوٽ آھي. رپورٽ موجب مليريا جو سپرينٽندنٽ گذريل ٻن سالن کان گم آھي.شھرين شڪايت ڪئي آھي تھ ضلعي جي اڪثر اسپتالن ۽ نجي اسپتالن ۾ اينٽي مليريا دوائون اڻلڀ ٿي ويون آھن.
گذريل لڳ ڀڳ ٻن مھينن کان سنڌ ۾ مينھوڳي جي مند ھئڻ ڪري برساتن ۽ ان بعد سج مڪمل نھ نڪرڻ ڪري مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، اھڙي مند حشرات العرض جي وڌڻ ويجھڻ لازمي امر ھوندو آھي، اھو ئي سبب آھي جو سموري سنڌ ۾ مڇرن جي آزار وڌڻ جي نتيجي ۾ مليريا جا ڪيس گھڻا وڌي ويا آھن.
سنڌ ۾ مڪاني ادارا فعال آھن،جتي مقامي قيادت عوام ئي چونڊي آھي ان جو اھو ئي فرض ٿئي ٿو تھ مڇرن کي مارڻ جي لاءِ مھم ھلائي وڃي، جيئن مڇر ختم ٿي سگھن، ان سان گڏوگڏ لاڳاپيل ادارن کي پڻ مليريا خلاف ڪم ڪرڻ گھرجي، حڪومت مختلف کاتن جي معرفت مڇرن کان بچاءَ جي لاءِ مھاريون پڻ ورھائيون وڃن ٿيون.
اسان جي گذارش ھي آھي تھ حڪومت ۽ صحت سان لاڳاپيل ادارا ھن وقت سموري سنڌ ۾ پکڙيل مڇرن جي آزار کي ختم ڪرڻ يا انھن جي واڌ ويجھھ کي روڪڻ جي لاءِ ڪا اھڙي حڪمت عملي جوڙين جنھن سان عام ماڻھون ھن دور ۾ رڳو مڇرن جي ڏنگ يا چڪ پائڻ جي ڪري ٿيندڙ مليريا جھڙي موذي مرض کان بچي سگھن، ساڳي ريت اختياريون سموري سنڌ جي اسپتالن ۾ مليريا جي چڪاس ۽ ان کان تحفظ جي دوا مھيا ڪرڻ جي عمل کي يقيني بڻائين.