غربت ۾ جڪڙيل عوام جي وزير اعليٰ هائوس جا خرچ

تحرير: جي ايم کوکر

لاڙڪاڻي جي ضلعي بجيٽ  کان وٺي بلوچستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي بجيٽ رپورٽ ڪندي مونکي ٻارنهن سال ٿي ويا آهن پي مونکي ٻن قسمن جي ادارن هڪ وزير اعليٰ  هائوس جي بجيٽ ۽ ٻي بجلي جي بل ۾ ورتل مختلف ٽيڪسز سميت  جيئن بجلي جي بلن ۾ ٽي وي ڏسڻ جا مسجدن جي بلن ۾ به ٽي وي ٽيڪس لڳل هوندو آهي اهڙي طرح وزير اعليٰ  هائوس جي بجيٽ  ۾ به عوام جي ڀلائي جي نالي تي ڪروڙين روپيا ڏيکاريا ويندا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي

اچو ته هاڻي اوهان کي هن سنڌ جي جي وڏي وزير جي هائوس جي باري ۾ تفصيلي ٻڌايون ته مدنيات، گئس، تيل، سون جي پهاڙين سان مالا مال هن صوبي ۾ رهندڙ ڏتڙيل ۽ غريب جيڪا ٻن ويلهن جي ماني لاءِ پنهنجي معصوم ٻارن کي پيٽ  بکيو نه ڏسندي خودڪشيون ٿا ڪن، وزير اعليٰ  هائوس کي هلائڻ لاءِ بغير ترقياتي بجيٽ  هن سال 2024/2023  لاءِ  هڪ ارب 12 ڪروڙ 80 لک 31 هزار روپيا رکي وئي آهي يعني 10 ڪروڙ 6 لک مان مٿي هڪ ميهيني ۾ خرچ ڪرڻو آهي هڪ ڏينهن ۾ 33 لک 53 هزار 333 سئو روپيا خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي،وزير هائوس کي هلائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 546 ملازم ڪم ڪن ٿا جن جي پگهار لاءِ 81 ڪروڙ14 لک 41 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن  جڏهن ته نان سيلري بجيٽ  31 ڪروڙ 65 لک 90 هزار روپيا رکيا ويا آهن،گزريل سال 2023/2022 جي بجيٽ  جي حساب سان هن سال 12 ڪروڙ 59 لک روپيا وڌيڪ رکيا ويا آهن

وزير اعليٰ هائوس ۾ مقرر اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي پگهار لاءِ 10 ڪروڙ 7 لک روپيا مختص ڪيا ويا آهن اهڙي طرح آفيسرن لاءِ پرسنل الائونس جي مد ۾ 3 لک 73 هزار ،اسپيشل پگهار الائونس لاءِهڪ لک 36 هزار روپيا،جڏهن ته ان ئي اڪائونٽس مان ڪانٽريڪٽر آفيسرن لاءِ 62 لک 61 هزار روپيا ۽ نامعلوم لاءِ 57 هزار روپيا رکيا ويا آهن،اهڙي طرح وڏو وزير چاهي ته ڪنهن به سنڌ جي شهري کي پنهنجي مدي تائين وزير هائوس ۾ ڪانٽريڪٽ بنيادن تي رکي سگهي ٿو ان ملازمن جي پگهارن لاءِ 9 ڪروڙ 13 لک پنج هزار روپيا رکيا ويا آهن،جڏهن ته وزير اعليٰ  هائوس جي ملازمن لاءِ الائونسز جي مد 61 ڪروڙ 94 لک ڏهه هزار روپيا رکيا ويا آهن. ريگيولر الائونس لاءِ 54 ڪروڙ 49 لک 38 هزار روپيا رکيا ويا آهن،جن ۾ سينيئر پوسٽ الائونس 21000 روپيا، هائوس رينٽ الائونس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 11 لک6 سئو روپيا، ڪنوينس الائونس جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 26 لک 83 هزار روپيا، سميٽري الائونس جي مد ۾ 9 لک 67 هزار،واشنگ الائونس جي مد ۾ 2 لک 67 هزار، ڊريس الائونس جي مد ۾ 38 هزار روپيا، اينٽيگريٽيو الائونس 8لک 69 هزار،تعليم الائونس هڪ لک 19 هزار روپيا،ميڊيڪل الائونس 85 لک 53 هزار،هيلٿ پروفيشنل الائونس 3لک 6 هزار،ايڊهاڪ رليف الائونس 4 لک 48 هزار،انٽرٽيٽمينٽ الائونس هڪ لک 13 هزار روپيا،ڪمپيوٽر الائونس 79 هزار روپيا،آرڊنري الائونس 7 لک 4 هزار،اسپيشل ڪنوينس الائونس 26 هزار،هيلٿ اسپتال الائونس 66 هزار،سيڪريٽريٽ الائونس 18 ڪروڙ 14 لک 94 هزار روپيا،چارج الائونس هڪ لک 5 هزار،اسپتال الائونس وڌيڪ 83 هزار،ايگزڪيوٽيو الائونس 20 ڪروڙ 33 لک روپيا،ڊفرينٽ الائونس 5 ڪروڙ      15لک،ايڊهاڪ رليف الائونس 2022 2 ڪروڙ 37 لک،جڏهن ته اڌر يعني نامعلوم  لڪيل الائونس 17 ڪروڙ 89 لک11 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن هڪ ٻئي نامعلوم اڪائونٽس ۾ 7 ڪروڙ 46 لک 72 هزار روپيا رکيا ويا آهن اهڙي طرح ٽائم الائونس 14 لک 64 هزار، هونريا يعني جيڪي وزير اعليٰ  صاحب اعلان ڪري ملازمن جون پگهارون وڌائيندو آهي ان لاءِ 6 ڪروڙ 86 لک روپيا، ميڊيڪل چارج لاءِ 13 لک 72 هزار ۽ نامعلوم 30 لک روپيا وڌيڪ رکيا ويا آهن،

وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ جي اڪائونٽس نمبر اي 03 ۾ آپريٽنگ خرچ لاءِ ٽوٽل 12 ڪروڙ 86 لک 46 هزار رکيا ويا آهن،اڪائونٽس نمبر اي 032 ۾ ڪميونيڪيشن لاءِ 64 لک 43 هزار،پوسٽ ۽ ٽيليفون خرچ لاءِ 3لک 65 هزار،ٽيلي فون ۽ ٽرڪ ڪال لاءِ 60 لک 78 هزار روپيا، وڏي وزير جي هائوس جي خرچ هلائڻ لاءِ 58 لک 72 هزار روپيا جنهن ۾ گئس لاءِ 29 لک  36 هزار ۽ پاڻي لاءِ 29 لک 36 هزار رکيا ويا آهن جڏهن ته ريٽس ۽ ٽيڪس لاءِ 3 لک 82 هزار روپيا رکيا ويا آهن، وزير اعليٰ  هائوس جي نئي گاڏين جي انشورنس ۽ رجسٽريشن لاءِ 61 لک 66 هزار روپيا رکيا ويا آهن،جڏهن ته وڏي وزير جي سفر اڄ وڃ لاءِ 4 ڪروڙ 66 لک 15 هزار روپيا رکيا ويا آهن جن ۾ صرف سفري الائونس 55 لک 13 هزار روپيا آهي جڏهن ته وزير اعليٰ  هائوس جي هيليڪاپٽر ۽ گاڏين جي فيول لاءِ 4 ڪروڙ 11 لک 2 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته وزير اعليٰ  هائوس کي هلائڻ لاءِ جنرل ايٽم جي خريداري لاءِ 6 ڪروڙ 31 لک 68 هزار روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ اسٽيشنري لاءِ 63 لک 82 هزار، پرنٽنگ ۽ ڇپائي لاءِ 38 لک 89 هزار روپيا اخبارن ۽ ڪتابن جي خريداري لاءِ 12 لک 77 هزار،يونيفارم ۽ حفاظتي لباس جي خريداري لاءِ 63 لک 82 هزار، ڳجهي طور خدمت ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۽ مراعتن لاءِ هڪ ڪروڙ 27 لک 63 هزار روپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ٻين خدمتن جي ادائيگي لاءِ66 لک 55 هزار،اسٽورن جي مرمت لاءِ 11 لک، ڪمپيوٽر اسٽيشنري جي خريداري لاءِ 12 لک، وزير اعليٰ جي کات خوراڪ جي خرچن لاءِ هڪ ڪروڙ 13 لک 82 هزار روپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح وزيراعلي هائوس طرفان مالي امداد ڏيڻ توڙي سبسڊي ڏيڻ لاءِ 2 ڪروڙ 34 لک روپيا ڏهه هزار روپيارکيا ويا آهن غير مالي ادارن لاءِ 97 لک 50 هزار، فوت ٿيل وزير هائوس جي ملازمن جي پوئنرن جي سهاتا لاءِ 36 لک 60 هزار روپين سميت هڪ ڪروڙ روپيا ڪجهي طرح مختص ڪيا ويا آهن،جڏهن ته وزير وزير جي تفريح  ۽ مهمانن کي اجرڪ، ٽوپي سميت ٻين گفٽ جي خريداري لاءِ 6 ڪروڙ 30 لک روپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي بجيٽ  کان 30 لک روپيا وڌيڪ آهن،ڪمپيوٽر جي سامان خريداري لاءِ 60 لک روپيا، جسماني اثاثن مد ۾ 6 ڪروڙ 88 لک 28 هزار روپيا، ٽرانسپورٽ جي خريداري لاءِ 4 ڪروڙ 90 لک 78 هزار روپيا رکيا ويا آهن، پلانٽ ۽ مشينري جي خريداري لاءِ هڪ ڪروڙ ، وزير اعليٰ  هائوس جي فرنيچر جي خريداري لاءِ 20 لک 7 ٻيو سامان خريدڻ لاءِ 17 لک 50 هزار، ٽرانسپورٽ جي مرمت ۽ سارسنڀار لاءِ 3 ڪروڙ 27 لک 6 هزار روپيا رکيا ويا آهن وزير اعليٰ  هائوس جي عمارتن جي جوڙ جڪ لاءِ هڪ ڪروڙ 18 لک،13 هزار روپيا رکيا ويا آهن،جڏهن هڪ پئي ڪمپيوٽر جي سامان جي خريداري لاءِ 6 لک 38 هزار رکيا ويا آهن،وزير هائوس جي اندر پارڪن جي مرمت لاءِ 12 لک 77 هزار روپيا رکيا ويا آهن

وزير اعليٰ  هائوس ۾ ٽوٽل سرڪاري ملازمن جي تعداد546 آهي جنهن ۾ هڪ 19 هين گريڊ جي آفيسر جي  نئي پوسٽ ڏيکاري وئي آهي  جنهن کانپوءِ اها تعداد 546 ٿي وئي آهي جن جي ٽوٽل بيسڪ پگهار 19 ڪروڙ 12 لک 38 هزار روپيا ڏيکاري وئي آهي اهڙي طرح وزير اعليٰ  هائوس ۾ گريڊ هڪ جا سرڪاري ملازمن جي تعداد 143 آهي 2 گريڊ جي ملازمن جي تعداد 3 آهي، 4 گريڊ جا 60،گريڊ 5 جا 20، گريڊ 6 جا 12، گريڊ 7  هڪ، گريڊ 8 جا 5،گريڊ 9 جا 11، گريڊ11 جا 65، گريڊ 12 جا 13، گريڊ 14 جا 34، گريڊ 15 جا 12، گريڊ 16 جا 45، گريڊ 17 جا 76، گريڊ 18 جا 27، گريڊ 19 جا 13، گريڊ 20 جا 2، گريڊ 21 جا جو هڪ ۽ 2 اسپيشل پوسٽون پڻ شامل آهن.

اهڙي طرح وڏي وزير کي اسپيشل ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي جنهن جي پگهار هڪ سال لاءِ 10 ڪروڙ 32 لک 12 هزار روپيا تجويز ڪئي وئي آهي جڏهن ته صرف هڪ مهيني جي پگهار جي 6 لک 58 هزار رکي وئي آهي. وڏي وزير سان گڏ اسپيشل ڪيٽيگري ۾ 6 ٻيا به شامل آهن جن ۾ گذريل ٻن سالن کان پوسٽ خالي هئي پر موجوده بجيٽ ۾ ان کي رکيو ويو آهي. اهڙي طرح 2 ڪيمرامين جيڪي پڻ گذريل بجيٽ  ۾ موجود هيا پر هن سال اهي ٻئي شامل ناهن، جن ۾ هڪ اسسٽنٽ ڪيمرامين به شامل آهي،ان سان گڏ ڪمپوزر واري پوسٽ به هن سال ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن هڪ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر  جي پگهار 5لک 24 هزار ،هڪ پريس سيڪريٽري جي پگهار 15 لک 71 هزار، آهي جڏهن ته وزير هائوس ۾ 17 گريڊ جا ٽوٽل 14  سيڪشن آفيسر آهن جن لاءِ هڪ ڪروڙ 37 لک روپيا رکيا مختص ڪيا ويا آهن.18 هين گريڊ جا 11 پروٽوڪول آفيسر،17 هين گريڊ جا 30 پرائيويٽ سيڪريٽري،17 گريڊ جا 11 وڌيل پروٽوڪول آفيسرز،16 هين گريڊ 5 ايڊيشنل پرائيويٽ سيڪريٽري،16 گريڊ جا وڌيڪ 7 پروٽوڪول آفيسرز،2 هيڊ باورچي،2 اسسٽنٽ چيف ڪڪ،16 هين گريڊ هڪ چيف ڪڪ،14 گريڊ 4 هيڊ ڪڪ،5 گريڊ جا 2 ڪڪ، 5 گريڊ جونيئر ڪڪ،5گريڊ جو ڌوٻي،9 گريڊ جا 6 سينيئر ڪڪ ٻيو اسٽاف پڻ شامل آهي

مٿي ذڪر ڪيل انگ اکر وزير اعليٰ هائوس جي بجيٽ  جا آهن جن کي وائکو ڪرڻ جو مقصد صرف سنڌ جي غريب عوام آڏو رکڻ آهن، جيتوڻيڪ ذڪر ڪيل بجيٽ  جو سڌو تعلق وزير اعليٰ  هائوس جي ملازمن ۽ ان جي خرچن جو هيو جڏهن ته ترقياتي بجيٽ  سميت ٻي آمدني سان ان جو ڪو به تعلق ناهي، ڌڻي در اڳيان دعاگو آهيان ته ايندڙ سنڌ سرڪار پنهنجا ڳرا خرچ گهٽائي سنڌ جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي فلاح ۽ انهن جي ڀلائي تي خرچ ڪندا ته جيئن سنڌ ۽ سنڌين جو ڀلو ٿئي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.