سنڌ اندر جيڪڏهن ڪنهن سنڌي مسلمان کي جديد تعليم جو باني چئجي ته اُهو خانبهادر حسن علي آفندي آهي.14 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد جي آخوند خاندان ۾ جنم ورتل حسن علي آفنديءَ جو والد هن جي ٻاروتڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هيو. بعد ۾ سندس پرورش وڏي ڀاءُ ڪئي. سڀ کان اول کيس قرآن شريف ۽ فارسي ٻولي سيکارڻ جي لاءِ پاڙي جي ملان مڪتب ۾ ويهاريو ويو. بعد ۾ هن جهرڪ شهر وٽ سنڌو درياءَ جي پتڻ تي ماهوار پندرهن رپين جي پگهار تي منشيءَ جي نوڪري حاصل ڪئي.
ڪجهه وقت کانپوءِ هو نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو ڪلارڪ مقرر ٿيو، جتي سندس پگهار ٽيهه روپيا ماهوار مقرر ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عيسائيءَ سان سندس واقفيت ٿي، جنهن کان هن انگريزي ٻولي سکڻ شروع ڪئي. اُهو وقت جيئن ته سنڌ تي انگريزن جي راڄ وارو هيو، تنهن ڪري انگريزي ٻوليءَ جي تمام گهڻي اهميت هئي. حسن علي آفندي سمجهيو پئي ته انگريزي ٻولي سکڻ کانسواءِ ترقي ڪرڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري هن ٿوري ئي وقت ۾ انگريزي ٻولي سکي ورتي .
اِهي اُهي ڏينهن هيا، جڏهن سنڌ ۾ ريلوي لائين نه پئي هئي ۽ سنڌ اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر زميني، دريائي ۽ سامونڊي رستا مواصلاتي نظام جو ذريعو هوندا هيا. اهڙي صورتحال ۾ سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هيو، سو انگريز سرڪار سنڌو درياءَ تي جهازرانيءَ جو نظام ”انڊس فلوٽنا“ شروع ڪيو هيو. جهرڪ انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ضلعي جو هڪ مصروف دريائي بندرگاهه هوندو هيو. جهرڪن ۾ انڊس فلوٽنا جو هيڊڪوارٽر پڻ هيو. اِن بندرگاهه تان ڪاٺ آندو ۽ نيو ويندو هيو. تنهنڪري ڪاٺ جو حساب ڪتاب رکڻ جي لاءِ ڪجهه ڪلارڪ پڻ ڀرتي ڪيا ويا هئا. حسن عليءَ کي پڻ اهڙي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منشيءَ جي طور تي ڀرتي ڪيو ويو. چون ٿا ته، هِن اِها معمولي پگهار واري نوڪري انڪري قبولي هئي جو هِن سمجهيو پئي ته اِن سان سندس انگريز ي ٻولي بهتر ٿيندي.
حسن علي آفنديءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ واقعي تمام وڏي تبديلي آندي. اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ واقع سنڌ جي وڏي ۾ وڏي صدر ڪورٽ جو چيف جج هڪ انگريز مڊلٽن هو. اُهو سنڌو درياءُ پار ڪرڻ جي لاءِ جهرڪن وٽ پهتو. هُن کي رات جهرڪن جي بندرگاهه تي رهي صبح جو درياءُ پار ڪرڻو هو. رات جي ماني کائڻ کانپوءِ جج صاحب ڏٺو ته جهاز جي ڊيڪ تي ويٺل هڪ نوجوان چمنيءَ جي جهيڻي روشنيءَ تي هڪ انگريزي ڪتاب پڙهي رهيو آهي. جج صاحب کي اِهو ڄاڻي تمام گهڻي حيرت ٿي ته اِهو نوجوان مسلمان هيو. ڇاڪاڻ ته اُن وقت مسلمانن ۾ تمام گهٽ جديد تعليم هئي. جڏهن مڊلٽن حسن علي آفنديءَ سان ڳالهايو ته هُو هِن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. اُن ئي وقت هُن کيس ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سرشتيدار ۽ ترجمي نگار جي نوڪري ڏنائين. بعد ۾ حسن علي آفندي جي قانوني ڄاڻ ۽ ذهانت کان متاثر ٿي کيس قانون جي ڊگريءَ کانسواءِ وڪالت ڪرڻ جي اجازت ڏني. حسن علي آفندي اُن حيثيت ۾ سنڌ ۾ اڪيلو مسلمان وڪيل هيو. هِن پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان هڪ نمايان حيثيت ٺاهي. اُن وقت هندن مان ڏيارام ڄيٺمل، گدومل اڌارام۽ مولچند مڃيل وڪيل ليکيا ويندا هيا. هن جي ڪاميابين جي مڃتا طور جلد کيس سرڪاري وڪيل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. اُنهن ڏينهن ۾ هو اڪيلو غير يورپي هيو، جنهن کي اهڙي عهدي تي کنيو ويو هيو. حسن علي آفندي 14 سالن تائين پبلڪ پراسڪيوٽر رهيو.
حسن علي قانون ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪري ويو هيو، جو مشهور هندو وڪيل به هِن کان ڪيس کٽي نه سگهندا هئا. بعد ۾ حسن علي آفندي پنهنجي مسلمان ڀائرن جي حقن جي حاصلات ۽ کين جديد تعليم ڏيڻ واري مقصد خاطر هڪ تنظيم ”انجمنِ اسلام ڪراچي“ قائم ڪئي، جنهن جو هُو باني صدر هيو. هوڏانهن اُنهن ڏينهن ۾ ڏيارام ڄيٺمل پڻ ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي. حسن علي آفندي جيئن ته مذهبي تعصب کان آجو هيو، تنهن ڪري هِن ”سنڌ سڀا“ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي کيس نائب صدر بڻايو ويو. هيءُ اُهو دور هيو، جڏهن سرسيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ اڀري، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ترقي ۽ حقن جي حاصلات کي جديد تعليم سان مشروط ڪيو. سرسيد احمد خان 9 6 8 1 ع ۾ پنهنجي پٽ سيد محمود جي تعليم جي سلسلي ۾ انگلنڊ ويو، جتي هِن اتان جي وڏين يونيورسٽين جي مشاهدي کانپوءِ واپس هندستان اچي 5 7 8 1 ع ۾ علي ڳڙهه محمدن اورينٽل ڪاليج (جيڪو 9 1 9 1 ۾ يونيورسٽي جي درجي تي پهتو) قائم ڪيو.
حسن علي آفندي 2 8 8 1 ع ۾ سرسيد احمد خان سان ملاقات ڪري کيس سنڌ ۾ جديد تعليمي اداري قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن ويچارن کان کيس آگاهه ڪيو. سرسيد احمد خان سندس سوچ کي ساراهيو. اِن کانپوءِ حسن علي آفنديءَ سنڌ جي ڪراچي شهر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي قيام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڏنيون. اِن ئي عرصي ۾ حسن علي آفنديءَ جي مسلمانن جي جديد تعليم جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بنگال جي جسٽس سيد امير عليءَ سان پڻ 4 8 8 1 ع ۾ ملاقات ٿي، جيڪو اڳ ۾ ئي ”نيشنل محمدن ايسوسيئيشن“ قائم ڪري چڪو هيو. هُن حسن علي آفنديءَ کي صلاح ڏني ته هُو ايسوسيئيشن جي سنڌ برانچ قائم ڪري. حسن علي آفنديءَ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ قائم ڪئي، جنهن جو هي پاڻ صدر بڻيو.
سنڌ مدرسي جي قيام جي لاءِ جتي روشن خيال، پنهنجي نئين نسل جي ترقي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ فڪرمند ماڻهن جي کيس مدد حاصل ٿي، اُتي ڪجهه بنياد پرستن جي مخالفت کي به کيس مُنهن ڏيڻو پيو.
ٻئي طرف اِهو مسئلو به پيدا ٿيو ته ”سنڌ سڀا“ جي اڳواڻن ڏيارام ڄيٺمل ۽ ڏيارام گدومل سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جون ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. هُنن حسن علي آفنديءَ کي به چيو ته، هو اسڪول قائم نه ڪري، پر ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري. پر حسن علي آفندي جو اِهو خيال هيو ته، مسلمان ٻارن جي لاءِ جڏهن هاءِ اسڪول تائين تعليم ئي ناهي ته اُهي ڪاليج تائين ڪيئن پهچندا.
حسن علي آفندي ۽ سندس ساٿين جيئن ته اهو طئي ڪري ڇڏيو هيو ته هُو هرحال ۾ هڪ جديد علمي ادارو قائم ڪندا، تنهن ڪري رستي ۾ايندڙ رڪاوٽون سندن سفر کي روڪي نه سگهيون ۽ هُو پهرئين سيپٽيمبر 5 8 8 1 تي سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. سنڌ مدرسي جو قيام حسن علي آفنديءَ جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات هئي. اڄ اهو سنڌ مدرسته الاسلام هڪ جديد يونيورسٽي بڻجي چڪو آهي.