حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي چئيرمين سورھيه سنڌي، نواز شاهه ڀاڏائي، فتاح چنا، ڊاڪٽر خوشحال، انور بڙدي، نظير شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ اعلانيل ريلي جي تيارين ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جي آبادي گھٽائڻ ۽ ڪراچي جي آبادي وڌائڻ سنڌ جي حق حڪمراني خلاف سازش آھي ڊجيٽل آدمشماري قبول ڪرڻ ڊيمن تي راضپو ظاھر ڪرڻ 13 لک ايڪڙ زمين ڌارين جي حوالي ڪرڻ وارا فيصلا ڪري مراد علي شاهه غداري ڪئي