ڪراچي (رپورٽر) اربين رپين جي ڪرپشن جي انڪوائري شروع ٿيڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جا فرنٽ مين ڄاڻايل 4 آفيسر گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ورتي، سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻو صوبائي وزير مڪيش ڪمار سميت ٻين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز عبدالوحيد شيخ، حسن علي شريف، عامر گل شريف ۽ عامر شريف پاران گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چئني مبينا فرنٽ مينن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪ ڇڏيو، چئني آفيسرن موقف اختيار ڪيو ته نيب جي جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيون، خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، عدالت نيب کي چئني آفيسرز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.