لاڙڪاڻي واسي پورهيت اغوا، زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ گوليون لڳل وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو(رپورٽ:مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي واسي پورهيت شڪارپور ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو، مغوي نوجوان  جي زنجيرن سان جڪڙيل ۽ ٽنگهن ۾ گوليون لڳل ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، معاملي بابت ڌاڙيلن جي به آڊيو وائرل ٿي وئي، وارثن کي فون ڪري 30 لک روپيه ڀنگ طلب، اغوا معاملي ۾ ايس ايس پي شڪارپور جي پي ايس او جو نالو گردش ڪرڻ لڳو، ڌاڙيلن وارثن کي چيو آهي ته پئسن جو انتظام ڪري ايس ايس پي شڪارپور جي پي ايس او سان ملاقات ڪيو، مغوي جي وارثن گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪري نوجوان جي بازيابيءَ جي گهر ڪري ڇڏي، مراد واهڻ پاڙي مان ٻه مهينا اڳ 28 سالن جي پورهيت نوجوان وقار حسين پٽ طالب حسين کچي کي اغوا ڪيو ويو، نوجوان کي ڌاڙيلن اغوا ڪرڻ بعد شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ زنجيرن سان جڪڙي ٽنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، نوجوان دانهيو ته طالب حسين کچي جو پٽ آهيان، ڌاڙيل مون کي مراد واهڻ مان اغوا ڪري هتي کڻي آيا آهن، مون کي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي گوڏا ڀڃي سڀاڻي مون کي ماري منهنجو لاش روڊ تي اڇلايو ويندو تنهن ڪري ڌاڙيلن کي 30 لک روپيه ڏئي مون کي آزاد ڪرايو وڃي، وارثن مغوي جي آزادي جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.