اسلام آباد(م ڊ)واپڊا ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت پاور ڪمپنين جي ملازمن کي مفت يونٽن جي سهولت ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي .ڪراچي کان ڪشمور تائين پاڪستان جي هر شهر ۾ بجلي جي بلن جي واڌ خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي واپڊا ۽ آبي وسيلن واري وزارت جو موقف آهي ته مفت يونٽن جي سهولت ختم ڪرڻ سان ڪا به بچت نه ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مفت يونٽن بدران يوٽيلٽي الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت مفت بجلي يونٽن جي سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي عملدارن تجويز ڏني آهي ته ملازمن کي ماهوار پگهار ۾ مفت يونٽن جي برابر رقم ڏني وڃي.ذريعن موجب ملڪ ۾ هڪ لک 89هزار 171 رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي مفت يونٽ ڏنا پيا وڃن، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي هر مهيني 3 ڪروڙ 47 لک 58 هزار 825 مفت يونٽ ڏنا پيا وڃن.