اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ ۾ نادرا رولز ۾ ترميم خلاف درخواست داخل ڪندي درخواست گذار پاران ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. درخواستگذار شهري اويس الرحمان استدعا ڪئي ته چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي ضابطن ۾ ترميم کي نادرا آرڊيننس ۽ آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي چيئرمين نادرا جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نادرا چيئرمين پنهنجي مدي دوران ٻي ڪنهن به خدمت، ڪاروبار، پيشي يا ملازمت ۾ شامل نه ٿو ٿي سگهي، نادرا چيئرمين جي مقرري جي ضابطن ۾ ترميم نادرا آرڊيننس جي سيڪشن 34 سان مطابقت ناهي. درخواست گذار استدعا ڪئي ته چيئرمين نادرا جي مقرري جو عمل قانون ۽ شفافيت موجب مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ فيصلي تائين وفاقي حڪومت کي نادرا رولز 5 تي پورو نه لهندڙ اميدوار جي مقرري کان روڪيو وڃي.