ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود گرفتار ڪيو ويو، اي ٽي سي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، حليم عادل شيخ جي وڪيلن چيو ته حليم عادل شيخ پشاور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت هئي ان جي باوجود هن کي سنڌهاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو، وڪيلن جو چوڻ ته سانحي 9مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، پوليس حليم عادل شيخ کي عدالت آڏو پيش ڪندي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي، عدالت حڪم باوجود حليم عادل شيخ عدالت مان ٻاهر نڪتو ته پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو.