خيرپور/ بهارو (رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو/ جاويد پنهور)خيرپور ڀرسان بهارو واسڻ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪشش سومرو ڌيءَ حضور بخش سومرو کي اسڪول بعد گھر ايندي رستي مان اغوا ڪري 24ڪلاڪ زيادتي ڪئي وئي، نينگريءَ صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول مان موڪل ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتس ته زنير پٽ نعيم پنهور زوري موٽرسائيڪل تي کڻي ويران جڳهه تي ترسايو، رات جو مون کي لڄالٽ جو شڪار بڻايو، صبح ٿيندي ئي مون کي ڀر واري درگاهه امير شاهه بخاري تي ڇڏي پاڻ ڦرار ٿي ويو، جوابدار خاموش رهڻ لاءِ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڏئي رهيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي بهارو پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار گرفتار ڪري ورتو، الزام هيٺ زنير پنهور جي والد نعيم پنهور صحافين وٽ پهچي دانهيدي چيو آهي ته منهنجو پٽ نابالغ آهي پنجين درجي جو شاگرد آهي اهو ڪيئن ٿو نينگريءَ سان زيادتي ڪري سگهي.