ڊالر ۾ چاڙهه،اسٽاڪ ايڪسچينج ڪريش، 1242 پوائنٽون ڪري پيون

ڪراچي ( رپورٽر) رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ واڌ جي خدشي سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾   ڪاروبار دوران گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس  ۾ ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ ئي ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي انڊيڪس 1774 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 44470 جي سطح تي پهچي ويو، ڪاروبار ۾ 3.5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي آهي. ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 1242 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 45 هزار 2 پوائنٽن تي بند ٿيو. آگسٽ جي مهيني ۾ 100 انڊيڪس ۾ 3032 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي، آگسٽ ۾ 100 انڊيڪس 4944 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، آگسٽ ۾ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 49404 ۽ هيٺين سطح 44459 هئي. آگسٽ 2023ع ۾ 6 ارب 53 ڪروڙ شيئرز جو واپار ٿيو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي آگسٽ ۾ واپاري قدر 253 ارب رپيا هئي، آگسٽ ۾ مارڪيٽ سرمائيداري ۾ 515 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي ۽ آگسٽ جي آخر ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 6715 ارب رپيا آهي. اقتصادي تجزيه نگار محمد سهيل جو چوڻ آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح وڌڻ جو خدشو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهٽتائي جو سبب آهي.ملڪي ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جاري آهي. آگسٽ جي آخري ڏينهن تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ هڪ آمريڪي ڊالر هڪ رپيو 9 پئسا مهانگو ٿي 305 رپيا 54 پئسا ٿي ويو آهي. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 304 رپيا 45 پئسا تي بند ٿيو. ياد رهي ته آگسٽ ۾ ڊالر 18 رپيا 90 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي 323 رپيا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.