ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ صرف 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي کي عوام سان مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال کي جواز بڻائي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ پيٽرول ليوي جي صورت ۾ عوام تي 122 رپين جو ڳرو ۽ ظالماڻو ٽيڪس به لڳايو ويو آهي، بيان ۾ هن چيو ته حڪومت هاڻي صرف 22 رپيا في ليٽر جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پيٽرول ليوي لاڳو آهي. هن معمولي گهٽتائي جو فائدو ماڻهن تائين نه پهچندو آهي ڇاڪاڻ ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ روزاني ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ڪا خاص گهٽتائي ناھي ٿيندي، فارم 47 جي شريف حڪومت ماڻهن کي رليف ڏيڻ بدران مسلسل نوان ٽيڪس لاڳو ڪري رهي آهي، انهن کي پئسا ڪمائڻ واري مشين سمجهي رهي آهي، جنهن ماڻهن جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي، پيٽرول ليوي جي طور تي گڏ ڪيل 122 رپين جي ظالماڻي ٽيڪس کي مڪمل طور تي ختم ڪري.