بجيٽ مڪمل عوام دوست هئڻ گهرجي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته 5 جون تي  پيش ٿيندڙ بجيٽ 100 سيڪڙو مڪمل عوام دوست هجڻ گهرجي، مهانگائي جي بي رحم طوفان سبب ملازم، پورهيت، ھاري ۽ آبادگار طبقو غربت جو شڪار ٿي ويو آهي، تنهنڪري بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 60 سيڪڙو واڌ ڪئي  وڃي. صنعتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 60 هزار روپيا مقرر ڪئي وڃي،هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 35 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. اٽو، چانور، دال، کير، دوائن گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ هر مهيني واڌ ٿي رهي آهي پر ملازمن جي پگهار مهانگائي جي حساب سان نٿي وڌائي وڃي. هن چيو ته هر سال بجيٽ ۾ وڏن سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ امير طبقن کي ٽيڪس ۾ رعايتون ڏنيون وڃن ٿيون، پر غريب، پورهيت ۽ ملازم طبقن سميت آبادگارن کي هميشه نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن حڪومت پاڻ کي عوامي چوي ٿي ته  پوءِ ان کي بجيٽ ۾ غريب ۽ محنت ڪش طبقن کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. هن چيو ته  بجيٽ صرف انگن اکرن جو راند نه آهي، پر اهو عوام جي زندگي جو نقشو هوندو آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ تعليم، صحت، زراعت، صنعت ۽ آئي ٽي شعبي لاءِ ڪافي فنڊ مختص ڪيا وڃن ته  جيئن سنڌ ۽ ملڪ جي نوجوانن کي روزگار ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.