نجم سيٺي جي خواب ۾ عمران سان ملاقات

راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي نجم سيٺي پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان جيل ۾ ٿيندڙ ملاقات واري  خواب جو ذڪر ڪندي دلچسپ احوال ٻڌايو آهي. هن چيو ته هڪ ناظرين پاران کيس عمران خان سان ڳالهين جي صلاح ڏيڻ کانپوءِ کيس خواب آيو ته هو جيل جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ عمران خان سان گڏ ويٺو آهي جتي هڪ وارڊن پڻ موجود آهي. نجم سيٺي چيو ته هن عمران خان جي ڪن ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪيون پر عمران خان جي چهري تي ڪي به تاثرات سامهون نه آيا ۽ هو مڪمل طور تي خاموش رهيو.نجم سيٺي جو چوڻ هو ته خواب ۾ عمران خان لڳ ڀڳ پنجيتالھ کان پنجاهه سالن جو تمام جوان ۽ خوبصورت ڏيکاري رهيو هو. هن ٻڌايو ته سمهڻ کان اڳ هن فون تي عمران خان جي ڪرڪيٽ واري زماني جي بولنگ جون ڪجهه وڊيوز ڏٺيون هيون جنهن ڪري سندس لاشعور ۾ اهو خواب بڻجي ويو. نجم سيٺي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عمران خان کي هاڻي هڪ انقلابي اڳواڻ بڻجڻ بدران سياستدان بڻجڻ گهرجي ۽ ملڪي سياست جا رمز سکڻ گهرجن ته جيئن ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.