بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ واپار، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي روڪٿام، آءِ ٽي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
بشڪيڪ ۾ ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو سٺو سنئوڻ آهي، جڏهن ته لاهور ۽ ڪرغزستان جي شهر اوش کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خانگي شعبي جي واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
شهباز شريف ڪاسا توانائي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل وزارتي گروپ جي قيام کي پڻ اهم قرار ڏنو.
وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ قانون ۽ ضابطا وڌيڪ آسان بڻايا ويندا ۽ پاڪستان ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ مختلف معاهدن تي صحيحون ٻطرفي سهڪار جي نئين مرحلي جي شروعات آهن.

You might also like