لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ دوري مان واپس موڪليل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ۽ اوپنر امام الحق کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، امام الحق ۽ محمد رضوان کي انگلينڊ مان پاڪستان واپس موڪلڻ بابت بورڊ انتهائي قدم کنيا آهن، جڏهن ته امام الحق بابت پي سي بي طرفان اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ جعلي انجري جو شڪار بڻجڻ جي الزام هيٺ آيل امام الحق تي مستقبل ۾ هڪ کان ٻن سالن تائين پابندي لڳڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي ڊسپلن بابت به پي سي بي کي سخت خدشا آهن.
ذريعن موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران محمد رضوان کان وضاحت طلب ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ويجهي مستقبل ۾ محمد رضوان جي پاڪستان جي ڪنهن به ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن، جڏهن ته مستقبل ۾ کيس پڻ سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ڊرامي بازي ۽ ڪوڙي انجري، انگلينڊ مان تڙي پار ڪيل رضوان ۽ امام خلاف سخت ڪارروائي جو امڪان
You might also like