لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آسٽريا کان لنڊن پهچي ويو آهي.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سندس اسٽاف جا ميمبر پڻ لنڊن پهتا آهن.
صدر آصف علي زرداري به لڳ ڀڳ 48 ڪلاڪ اڳ آسٽريا کان لنڊن پهتو هو.
ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هفتو ترسندا، جتي هو ويجهن دوستن ۽ ڪجهه برطانوي وزيرن سان ملاقاتون ڪندا.