ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فرحان انصاري چيو آهي ته هتي ڪنهن به ڌر طرفان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي، اسان به اوترا ئي سنڌي ۽ اوترا ئي پاڪستاني آهيون، جيترا اوهان آهيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي فرحان انصاري چيو ته هتي ويٺل ڪنهن به ميمبر کي ڪنهن کان پنهنجي سنڌي يا پاڪستاني هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان، خاص طور سنڌ ۾ انتظامي يونٽن بابت آواز اٿي رهيا آهن ته ان جا سبب ڏسڻ ۽ انهن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پر عوام جا مسئلا اڄ به ساڳيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن جا وسيلا ۽ بجيٽ وڌندا ويا آهن.
فرحان انصاري موجب، 2008-09ع ۾ سنڌ جو بجيٽ لڳ ڀڳ 2 ارب 68 ڪروڙ هو، جڏهن ته 2025-26ع جو بجيٽ لڳ ڀڳ 3 ارب 45 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن وسيلن ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ته ڇا عوام جي مسئلن ۾ به ايتري ئي گهٽتائي آئي آهي؟
هن چيو ته سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي شهري کي صاف پيئڻ جو پاڻي، بهتر اسپتالون ۽ جديد ٽرانسپورٽ گهرجي، جڏهن ته سنڌ جي ترقي لاءِ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ضروري آهن.
18هين ترميم جو ذڪر ڪندي فرحان انصاري چيو ته سنڌ ۾ هڪ سال دوران گڏ ٿيندڙ روينيو لڳ ڀڳ 7 هزار ارب رپيا آهي. جيڪڏهن انتظامي يونٽن ۽ ڊويزنن جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ وٽ ايتري صلاحيت موجود آهي جو هتان 3 هزار ارب رپين تائين روينيو گڏ ڪري سگهجي ٿو.
تعليم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته 2018-19ع ۾ تعليم جو بجيٽ 208 ارب رپيا هو، جيڪو 2025-26ع ۾ وڌي لڳ ڀڳ 524 ارب رپيا ٿي ويو، ان باوجود 2023ع جي انگن اکرن موجب 5 کان 16 سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 80 لک ٻار اڄ به اسڪولن کان ٻاهر آهن.
فرحان انصاري چيو ته سنڌ وٽ معدنيات، منرلز، بندرگاهه، زراعت، تيل، گئس ۽ صنعتن سميت وڏا وسيلا موجود آهن، پر ان باوجود صوبي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي.
هن چيو ته سنڌ کي 22 هزار ارب رپيا ملي چڪا آهن، پر ان کان پوءِ به نه مناسب بجلي آهي، نه گهرن ۾ پاڻي، نه روڊ ۽ نه ئي گهربل انفرااسٽرڪچر. جيڪڏهن 22 هزار ارب رپيا صحيح نموني خرچ ڪيا وڃن ها ته هي شهر ۽ صوبو ڪيترائي ڀيرا بهتر بڻجي چڪو هجي ها.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته انتظامي يونٽن بابت بار بار آواز ان ڪري اٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته عوام پريشان آهي ۽ خراب حڪمراني جا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته عوام کي ڪنهن به نظام ۾ وڃڻ سان مسئلا ختم ٿيڻ گهرجن، پر ادارن ۾ رشوت خوري ۽ بدانتظامي سبب ماڻهو انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته ملير ۽ ڪياماڙي ضلعا به انتظامي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، تنهن ڪري انتظامي يونٽن بابت موجوده ڳالهه به انتظامي بنيادن تي ئي آهي.
You might also like