سون اگهه ۾ وڏي لاٿ، هزارين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ اڄ 11 هزار رپين کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 11 هزار 300 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 54 هزار 36 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 9 هزار 688 رپيا لاٿ سان 3 لک 89 هزار 262 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 113 ڊالر گهٽجي 4 هزار 315 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like