ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽاپ 10 مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي هيري بروڪ پهرئين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ هڪ درجو ترقي ڪري ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي ۽ انگلينڊ جو جو روٽ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.
پاڪستان جو بابر اعظم 5 درجا وڃائڻ کانپوءِ 15هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته سريلنڪا جو ڪميندو مينڊس 2 درجا ترقي ماڻي 10هين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جو سعود شڪيل 15 درجن جو وڏو ٽپو ڏئي 18هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته سريلنڪا جو سونل دينوشا 25هين نمبر تي موجود آهي.
محمد رضوان 7 درجا وڃائڻ کانپوءِ 33هين نمبر تي، شان مسعود 3 درجا هيٺ لهي 41هين نمبر تي، جڏهن ته سلمان آغا به 3 درجا تنزلي کانپوءِ 43هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ميٽ هينري هڪ درجو ترقي ڪري ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
انگلينڊ جو اولي رابنسن 6 درجا ترقي ڪري پنجين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته سريلنڪا جو اسيٿا فرنينڊو 4 درجا ترقي کانپوءِ 11هين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جو محمد عباس 15هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو جوش ٽنگ 4 درجا ترقي ڪري 13هين نمبر تي اچي ويو آهي.
انگلينڊ جو گس اٽڪنسن 10 درجا تنزلي کانپوءِ 24هين نمبر تي هليو ويو آهي.
You might also like