لنڊن (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان گهرو وزير محسن نقوي جي لنڊن ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران قومي ۽ موجوده سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته محسن نقوي صدر کي اهم پيغام پڻ پهچايو.
ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري ۽ محسن نقوي وچ ۾ ملاقات لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات پڻ ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اهم قومي ۽ موجوده سياسي معاملن، خاص طور نون صوبن بابت جاري بحث تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
صدر آصف علي زرداري مختلف قومي معاملن ۽ نون صوبن بابت پنهنجي موقف تي قائم رهڻ جو پيغام ڏنو.
ذريعن موجب، صدر چيو ته قومي مفاد ۾ سمورين ڌرين کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، جڏهن ته قومي اتفاقِ راءِ کانسواءِ ڪنهن به مسئلي جو پائيدار حل ممڪن ناهي.
واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري هن وقت لنڊن ۾ موجود آهي، جتي ٻن هفتن تائين سندس برطانيا ۾ رهڻ جو امڪان آهي.