عوامي هنڌ تي جهمر هڻندڙ ناري ۽ نوجوان ٽڪ ٽاڪر گرفتار، 2 فرار

گجرانوالا(ويب ڊيسڪ)گجرانوالا ۾ عوامي هنڌ تي ڊانس ڪندي وڊيو ٺاهڻ تي ٻه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جي ترجمان موجب عيد واري ڏينهن ٻه عورتن ۽ ٻن نوجوانن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جيڪي ڇڇروالي نهر جي ڪناري تي ڊانس ڪندي ٺاهي ويون هيون.

ترجمان پوليس ٻڌايو ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ چار ئي ماڻهن خلاف پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن مان ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ٻه ماڻهو اڃا تائين فرار آهن.

ترجمان موجب اها ڪارروائي عوامي هنڌن تي غيراخلاقي حرڪتن ڪرڻ تي ڪئي وئي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.