سڀاڻي کان اِي چالان ٿيندا، ڪراچي پوليس جو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ نئون اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽريفڪ پوليس اعلان ڪيو آهي ته پهرين جون کان شاهراهه فيصل تي لائين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين خلاف اي چالان جاري ڪيا ويندا.

ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سڀئي گاڏيون پنهنجي پنهنجي لائين ۾ هلايون وڃن، جيئن ٽريفڪ جي رواني بهتر رهي ۽ حادثن کان بچي سگهجي.

ترجمان موجب موٽر سائيڪلن، بسن ۽ ڪارن سميت سڀني قسمن جي گاڏين لاءِ لائين جي پابندي لازمي هوندي، ٻي صورت ۾ خودڪار نظام تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اي چالان جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.