تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب ايراني پارليامينٽ جلد ئي آبناءِ هرمز بابت قانونسازي جي منظوري ڏني ويندي.
هن حوالي سان تهران ۾ ايراني پارليامينٽ جي پريزيڊنگ بورڊ جي ميمبر علي رضا سليمي چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ جلد اهڙي بل تي ووٽنگ ٿيندي، جيڪو هرمز جي انتظام ۾ ايران جي اختيار سان لاڳاپيل هوندو.
علي رضا سليمي چيو ته هن منصوبي سان لاڳاپيل سڀ تفصيل پارليامينٽ جي منظوري کان پوءِ حتمي شڪل ڏني ويندي. آبناءِ هرمز ايران ۽ عمان جي علائقائي پاڻيءَ جي وچ ۾ واقع آهي.
هن چيو ته هن آبي گذرگاهه بابت ڪنهن ٻئي ملڪ کي فيصلا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
علي رضا سليمي وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻيا ماڻهو چون ٿا ته آبناءِ هرمز کي کليل رهڻ گهرجي، پر اهو معاملو ايران سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪنهن کي به ان بابت فيصلا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته هرمز جي انتظام بابت فيصلا عارضي يا وقتي نه پر حتمي ۽ مستقل هوندا.