آدمشماري نتيجا ۽ سنڌ جو مقدمو

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ ٿيل ستين آدمشماري ۽ پهرين ڊجيٽل آدم ڳڻپ 2023ع، پنهنجي مدي ۾ پنجون ڀيرو ٿيل واڌ بعد 15 مئي  تي مڪمل ٿي جنهن بعد وزير اعظم جي صدارت ۾ ٿيل سي سي آءِ جي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن جي موجودگي ۾وفاقي شماريات ڊويزن جي طرفان پيش ڪيل آدمشماري رپورٽ کي سمورين ڌرين طرفان قبوليو ويو ۽ اتفاق راءِ سان منظوري ڏني ويئي. جنهن موجب ملڪ جي جملي آدمشماري 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اها 2017ع واري ڳڻپ 20 ڪروڙ، 76لک، 84هزار، 626 جي مقابلي ۾3 ڪروڙ، 38 لک،14هزار 805 وڌيڪ آهي. اهڙي ريت سنڌ جي 2017ع واري پوڻا پنج ڪروڙ ڳڻپ  ۾ ساڍا 78 لکن جي اضافي سان  اها وڌي 5 ڪروڙ 56 لک  ٿي وئي آهي. ڊجيٽل آدمشماري 2023ع ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين وارن ضلعن ۾ ڳڻپ ۾ ڪافي اٿل پٿل رڪارڊ تي آئي آهي، خاص طور تي سنڌ جي صرف هڪ ڪراچي ڊويزن ۾آبادي جي غير معمولي واڌ 4.1 سيڪڙو جو اضافو ۽صوبي جي ٻين ڊويزنن ۽ ضلعن جي ڳڻپ ۾هڪ سيڪڙو کان 2سيڪڙو تائين معمولي واڌ رڪارڊ تي آئي آهي. ڳڻپ جي انگن موجب، سنڌ جي شهرن ۾ آبادي جو اضافو تمام گهڻو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ڳڻپ جي انگن اکرن موجب، سنڌ جي مجموعي 5ڪروڙ 57 لک آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو شهري آبادي تي مشتمل آهي.

سنڌ ۾90ع واري ڏهاڪي ۾سيد عبدلله شاهه ۽سيد قائم علي شاهه  ۽گذريل حڪومتن جي لڳاتار 15 سالن  ۾سيد مراد علي شاهه واري دور تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾دهشت گرد جماعتن ۽ گروهن خلاف ڪيل آپريشنن ۽ حفاظتي نظام کي فعال ڪري امن وامان قائم ڪرڻ جا سنڌ جي سماج ۽ شهرن تي پڻ تمام وڏا هاڪاري اثر پيا آهن،جنهنڪري سنڌ جي سمورن ضلعن مان تعليم يافته نوجوانن ۽ عام ماڻهن جو وڏو تعداد پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر منتقل ٿيو آهي. عوامي حڪومتن واري ان سموري عرصي ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ان بهتري تي پڻ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻي انهي کي سنڌ جي شهرن جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا شهرن ۾ وڌڻ ڪري آبادي جي لڏپلاڻ چئجي يا ٻهراڙي وارين علائقن ۾ روزگار جا ذريعا گهٽجڻ يا بدامني ۽ وڏين زميندارين جي والار سبب سنڌ جي پراڻي آبادي جي پنهنجن اباڻن اجهن ۽ گهرن، ڳوٺن ۽ وسندين مان بي دخل ٿيڻ چئجي ؟. انهي صورتحال کي جيڪو به عنوان ڏجي پر اها حقيقت سنڌ جي ضلعن ۾پيدا ٿيندڙ سماجي نابرابري واري حالت ۽ صورتحال کي ضرور بيان ڪري رهي آهي.

پاڪستان جي قانون موجب هر ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ آدمشماري ٿيڻ لازمي عمل طئي ٿيل آهي پر ان قانون تي عملدرآمد تمام گهٽ  ٿيو آهي.ملڪ ۾ پهرين آدمشماري 1951ع ۾ ڪئي وئي ان بعد 1961ع، 1972ع ۽  1981ع ۾ ڳڻپ ڪئي وئي. ان کانپوءِ  1990ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌ صوبي جي آدمشماري رڪارڊ تي وڌيڪ اچڻ ڪري پنجاب حڪومت طرفان ڳڻپ رپورٽ تي اعتراض اٿاريا ويا جنهن ڪري اها ڳڻپ رپورٽ روڪي ڇڏي وئي. آخرڪار  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ خصوصي بئنچ جي2016ع ۾ٻڌايل فيصلي ۽ حڪم تي27 سالن بعد 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ڪئي وئي پر ان سموري عمل ۾صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ اڻپوري آدمشماري ڪئي وئي جيڪا تڪراري بنجي ويئي ان دوران  2018ع ۾ عام چونڊن جو وقت مٿان اچي ويو ۽ قومي اسيمبلي پنهنجي مدت پوري ڪئي ته ان حڪومت جو پڻ خاتمو ٿي ويو. جڏهن ته انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ کي حڪومت ڏني وئي ۽ عمران خان کي وزير اعظم بڻايو ويو جنهن آدمشماري 2017 جي تڪراري نتيجن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جي اعتراضن ۽ مخالفت جي باوجود ٽن صوبن جي اڪثريتي سان منظور ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم جي زور ڀرڻ تي 5 سالن بعد ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو پر ان دوران عمران خان حڪومت خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿي ويئي ۽ سندس حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. ان جي جاءِ تي 18 جماعتن جي اتحادي حڪومت قائم ڪئي ته  ڊجيٽل آدمشماري اتحادي حڪومت ذريعي ٿي ۽ اهو عمل ڪجهه قدر بهتر انداز ۾ٿيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ٻين صوبن کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.

ملڪ ۾ڊجيٽل آدمشماري بابت غور ويچار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت طرفان 17 مارچ 2023ع تي ڪراچي ۾ گهڻ جماعتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن ۾سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر طرفان آدمشماري جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي. هن گڏجاڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن، جميعت علماءِ اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، جميعت علماء پاڪستان، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي ورڪر پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، سني تحريڪ ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي، پنهنجا رايا، مشورا ۽ تعاون پيش ڪيو. پر عوامي تحريڪ سميت قوم پرست جماعتن ۽ گروپن ان ڪانفرس ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ نه ئي حڪومت کي پنهنجون سفارشون يا رايا لکت يا خط جي صورت ۾موڪليا ويا. جيڪي ڌريون ۽ جماعتون هن قومي ميڙاڪي کان ٻاهر ۽ ڌار  رهيون، انهن سياسي اختلاف بجاء پاڪستان پيپلز پارٽي سان پنهنجا پراڻا پلاند ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ هن قومي ڪم ۾ شامل ٿيڻ بجاء انهن طرفان آدمشماري جو بائيڪاٽ ۽ مخالفت واريون مهمون ۽ آخري وقت تي پڻ پريس ڪانفرنسون ڪيون وينديون رهيون. سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري جا جيڪي مرحلا شروع ٿيا ۽ انهن ۾ پنج ڀيرا واڌ پڻ ڪئي ويئي، انهي قوم ڳڻائڻ واري مهم ۾سموري ملڪ ۾هر هڪ ڌر پنهنجي قوم ۽ برادرين کي ڳڻائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيون هيون . ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سکر ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون سندن اتحادي ڌريون پنهنجين برادرين ۽ حامين کي ڳڻپ ۾شامل ڪرائڻ لاءِ احتجاج سان گڏ ڪئمپون لڳائي ڪم پڻ ڪنديون رهيون. پر ان جي ابتڙ اسانجا قوم پرست ۽ روشن خيال رٺل گهوٽ ۽ ناراض ڄاڃين وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ آخري ڏينهن ۾به پريس ڪانفرنسون ڪري قوم کي بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ڳڻپ کي ملتوي ڪرائڻ  وارا ڪم ڪندا رهيا. مخالف جماعتن جا اڳواڻ ۽ سندن سوين ۽ هزارين ڪارڪن جيڪي آءِ ٽي يا موبائل فون استعمال ڪن ٿا اهي قوم جي ڳڻپ ڪرڻ واري ڪم تي لڳايا وڃن ها ته به اها انهن طرفان قومي خدمت شمار ٿئي ها ۽ مختلف ضلعن ۾ اڻپوري ٿيل ڳڻپ پڻ بهتر نموني مڪمل ڪري سگهجي ها پر رٺل راڻا ۽ ناراض ڌريون نه پرچڻيون هيون سي نه پرتيون ۽ هيڏو وڏو قومي نقصان ٿيڻ ڏنو ويو.  اڄ جيڪڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وڌيڪ ڳڻپ ٿي آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين وارن ضلعن ۾ ڳڻپ گهٽ ٿي آهي ته  سنڌ جون سياسي ڌريون انهيء قومي نقصان واري ذميواري کان پاڻ کي ڪيئن بچائي ۽ آزاد ڪرائي سگهن ٿيون ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.