آدرشي آمريت جون زنجيرون ٽوڙيندڙ مهان ماڻهو

تحرير:  عبداش   پنهور

هن سنسار۾ انسان ڪيترائي سماجي دور ڏٺاآهن.جديد کان جديد تاريخ  ڪارل مارڪس جو دورڳڻيو ويندو آهي،16هين صدي انسانيت جي شعور جي تاريخي صدي ضرورڳڻي ويندي آهي جڏهن سائنسي فڪر کي مذهبي انتهاپسندي جي لهر يورپ ۾ باهيون ڏيئي ساڙي ٿي ڇڏيو، ڪڏهن ڪڏهن تاريخ جو تماشوبه عجيب ۽ حيران ڪندڙ سوال پيدا ڪري ڇڏيندو آهي،ها! بلڪل 31آگسٽ واري تاريخ جديددنيا ۾ تمام وڏو تماشي واري تاريخ آهي ڇو ته 31آگسٽ ۽پهرين سيپٽمبر1939ع جي وچين رات ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي هئي جيڪا عالمي تباهي جو تمام وڏو سبب بڻجي وئي، ڇو ته هٽلر ۽ اسٽالن جي ڳجهي ملاقات24آگسٽ ۽ 25آگسٽ وچين رات جو وچن جنگي جنونيت ٻي مهاڀاري جو اڳتي هلي مثال بڻيو۽اهو 1999ع ۾ وائيس آف جرمني تان ڳجهي سرڪاري رڪارڊ جو حوالو آهي ته جڏهن پولينڊ۾ جرمني فوج د اخل ٿي تڏهن پهريون مهاڏو سرخ فوج سان ٿيو ڇو ته اٽڪل رات 12وڳي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ئي سويت فوج، اسٽالن جي حڪم تي پولينڊ ۾ داخل ٿي چُڪي هئي،خبرناهي ڇو اسٽالن ائين ڪيو پر جيڪو اسٽالن لينن ساٿين خلاف رڻ ٻاري ويٺو هو تنهن دنيا جي تمام وڏي چالاڪ هٽلر کي هن عالمي ماحول ۾ وائڙو ڪري ڇڏيو۽پوءِ اها ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي وئي. هر طرف تباهي ٿي وئي پر جيڪا تباهي تيهان پوءِ سنسارلاءِ سورن جو سامان بڻي، جرمني اڌو اڌ ٿي ويو، ڪوريائي لڙائي هڪ ملڪ کي صفا ٻه اڌ ڪري ڇڏيو،يورپ سان ته اها حالت ڪئي وئي جو ديواربرلن ڏيئي آمريڪي اتحادي فوجي لشڪر نيٽو ۽ وارسا سويت اتحادي فوجي لشڪر هاءِ الرٽ بيهاريا ويا.

اٽڪل سترسال جو اهو تماشو جاري رهيو. دنيا۾ اهڙي قسم جي وحشت،دهشت ۽ آدرشي آمريت جي خلاف جنهن مهان شخصيت انساني حياتيات کان جنگي جنونيت جي خاتمي تائين فڪري پيوندڪاري ڪئي اهو عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوف آهي جيڪو پرسال 31آگسٽ 2022ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ۽اڄ تنهن تاريخ سازشخصيت جي پهرين ورسي آهي،دنيا ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي کان ٻي مهاڀاري لڙائي تائين ايترو انساني الميو برپا نه ٿيو ايتري انساني تباهي نه ٿي  جيتري تباهي ڪورونا وائريس سبب ٿي اٽڪل 67لک ماڻهو حياتين کان محروم ٿي ويا،ڪي سڌي ريت ته ڪي اڻ سڌي ريت موت جي ورچڙهي ويا،ملڪن جا ملڪ متاثر ٿيا ۽دنياجون سرحدون سيل ٿي ويون.

ميخائيل گورباچوف پنهنجي تاريخي آخري انٽرويو تي عالمي خابرو اداري بي بي سي تان هن انديشو ڏيکاريو هو ته“اسان جنهن ڪازآف لائيف لاءِ روءِ زمين( قُراءِ ارض) کي تباهي کان بچائڻ پي چاهيو افسوس  ته سرمائيداريت تنهن ڪاز آف لائيف کي ڇيهو رسائي رهي آهي. مون کي تمام وڏي تباهي نظر پئي اچي”پوءِ سموري سنسار تي عالمي سانحو برپا پيو ٿئي مطلب ڪورونا وائرس جو انسانيت تي تاريخي حملو جنهن حملي کان دنيا جي ملڪن جو سرحدون محفوظ  نه رهيون،فڪري طور ته اها ڳالهه ته ڪارل مارڪس ڪئي ته “ جڏهن سرمائيداريت عروج تي پهچندي ته هاڻ جيڪي سرمائيدار ناجائز ناڻي کي جاگرفيائي سرحدون ڏئي محفوظ ڪري رهيا آهن اهي عروج سرمائيداريت سان ليڪا پتڪڙا نظر ايندا،اڳتي هلي اها سرمائيداريت ڇيهه ڪندي اهي ليڪا  نظر ئي نه ايندا،جاگرفيائي حدون ته ناجائزناڻي کي بچائڻ جو پهرو هونديون آهن”

عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوفجڏهن پروستروئيڪا اينڊ گلاسنوسٽ واري ڪميونسٽن ۾ فڪري پاليسي لاٿي ته گهڻ جنگي جنونيت پسند کي هڏڪوين لڳي ويون،رڳو ڪميونسٽ ڪيڊر نه پرجيڪي عالمي بهيڪ ۾ نيٽو جي ناڻي تي روگازڪندڙ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل ترقي پذير ملڪ هئا انهن جي حڪمرانن ۾ پڻ ٿرٿلو مچي ويو هو، ميخائيل گورباچوف جنهن انديشي سبب هن مهان انسان سويت يونين جي فڪري بلاڪ کي آدرشي آمريتي نشي کان آجو ڪري دنيا کي عالمي امن جو پيغام ڏيڻ لاءِ عظيم قرباني ڏني تنهن کي ايندڙ دور جي تباهي ڏسڻ پئي اچي ته سرمائيداريت انساني ليڪا لتاڙي رهي آهي انساني جياپي لاءِ جنگ نه پر عالمي امن جي ضرورت آهي تنهن کي نظرياتي ۽ آدرشي فڪر جي آڙ ۾ آمريت جياپي جو سبب نه ٿي بنجي سگهجي دنيا کي اڳتي وڌڻو آهي، ميخائيل گورباچوف تنهن عظيم مقصد لاءِ پهريان پنهنجي وجود جو انڪار ڪيو،ان کي خبر هئي ته تنهن مقصد لاءِ به هن کي ڳري قميت اداڪرڻي پوندي ،حڪومت نه رهندي.

بغاوت جو خطرو هو ۽پوءِ نيٺ 18آگسٽ 1990ع تي اها بغاوت ٿي سرخ فوج آرمي چيف جنرل  گينڊيانايف صدر سويت يونين ۽عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوف خلاف تنهن بغاوت جي اڳواڻي ڪئي پر سويت عوام فوجي ٽيڪن تي چڙهي ويو گلابي گل ارپيا ته فوج واپس بيرڪن ۾ هلي وئي 72ڪلاڪن جو اهو تماشو خطرناڪ تاريخ جو باب آهي عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوف جي عالمي امن پاليسي سبب يورپ هڪ ٿيو ديواربرلن کي ٽوڙيو ويو دنيا جي مشهورصحافي جوڊٿن مارڪ مٿي ڄاڻايل انٽرويو ته ديواربرلن جي ڊهڻ واري ياد ۾ ڪيو ۽ سوال ته ڀلا اڄ ڪو اوهان کي پڇتاءُ؟جهڙي سوال جي جواب ۾ عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوف چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو عالمي امن انساني جياپي ترقي لاءِ ڪيو پر هاڻ ڏسان پيو ته تنهن مقصد کي ڇيهورسايو پيو وڃي.

ميخائيل گورباچوف اصل ۾ دنيا کي بحران مان ڪڍڻ چاهي پيو انسانيت کي بچائڻ چاهي پيو تنهن مقصد لاءِ هن محترمه بينظيرڀٽو،هيلري ڪلنٽن،ڪوفي عنان ،رئيساگورباچوف سميت دنيا جي اهم شخصيتن جي عالمي فورم ٺاهي فڪري طور ويچارويهڪون جوڙيون ۽پنهنجي جاکوڙ۽ جدوجهد کي جاري رکيو،اهوئي مقصد عظيم هو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ويٽنام پهچي هوچي منهه جي يادگارشهيدن تي ڪنڌجُهڪائي سرخ سلام ڪيو هوفڪري طور عظيم مفڪر ميخائيل گورباچوف اهو پيغام ضرور ڏنو پر ڪنزرويٽو ڪيپيٽلسٽ دنيا کي جديد جنگي ڪيفيت ڏانهن ڏڪي ڇڏيو ڇو ته فوجي بلاڪ جي سموري انڊسٽري /صنعتي پيداوار کي تالا پيا لڳن،سندس سٿڻ کان بندوق جي نال تائين لڳندڙ تالا تنهن فاشسٽ سرمائيدار کي ڏسڻ ۾ پئي آهي تڏهن جنگي جنونيت کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رکيو،خاص ڪري مذهبي انتهاپسندي جي آڙ ۾ نوان هٿياربند گروهه پيدا ڪراياويا،اسامه بن لادن جهڙا نافرمان پهريان پاليا ويا پوءِ دشمن قرار ڏئي دنيا کي هڪڙي تمام وڏي لڙائي ڏانهن ڌڪي ويو،گذريل 30سال انهيءَ وحشت دهشت سان واڳيل رهيا آهن،القائده ۽انهن جا ريجنل ساٿاري اهڙي بحران ۾ جيڪي بيروگار ٿيڻا هئا اهي روگازسان لڳي ويا،جنگي جنونيت لاءِ نئون رستو ڪڍيو ويو جتان هٿيارن جي ڪارخاني واري عالمي سرمائيداريت جي دڪانداري جاري رهندي پئي اچي.سنسار ۾ تنهن ساڙ جا باقي پاڇولا ڇارسڙندي دنيا وارن ڏٺو ته عراق ۾ ڇا ٿيو؟ لبيا۾ ڇا ٿيو؟ پاڪستان ۾1987ع کان پوءِ ڇا ٿي رهيو آهي؟

دنيا جو معاشي بحران هاڻ ڪهڙي ڪيفيت طرف ڌڪجي رهيو آهي اهو وڌيڪ ڀيانڪ سوال آهي پر جيڪڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ مفڪر ميخائيل گورباچوف جي فڪرکي وقت جاحمڪران دانشور سمجهي سگهن ها ته تاريخ جو اهو تمام دليل آهي ته دنيامعاشي هن ڌٻڻ مان ضرورآجي هجي ها، سو ميخائيل گورباچوف اهو عظيم مفڪرآهي، جنهن انساني جياپي جو عالمي جديدکان جديد دليل جوڙيو ته هٿيارن جي ڊوڙ سان هن خوبصورت دنيا کي 300ڀيرا تباهه ته ڪري سگهون  ٿا پر بچائي نه ٿا سگهون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.