وڌندڙ جنسي واقعن جا ڪارڻ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ ڪجهه تجويزون

تحرير: مومل پنھور

ڪوبه معاشرو پنهنجو پاڻ ناهي جڙندو. صحتمند معاشري لاءِ  هر شهري، هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ذميواري کڻڻي نڀائڻي پوندي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڏوهن جي ڪري معاشري کي بدبودار بڻائي ڇڏين ٿا.

سنڌ توڙي پاڪستان ۾ وڌندڙ جنسي واقعا به خراب ذهنن سبب ٿين ٿا جن کي علاج جي ضرورت آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني ڏوهن ۽  معاشري جي بگاڙ ۾  سڌي اڻ سڌي طرح هر ماڻهو ملوث آهي، والدين، دوست، استاد، آس پاس جو ماحول سڀ شامل هجن ٿا. شڪار ٿيندڙ جينڊر صرف عورتون يا معصوم ڇوڪريون ناهن، ڇوڪرا به آهن، کدڙا فقير به هن ظلم جو شڪار ٿين ٿا ،ويندي جو بي زبان جانورن کي به نٿو بخشيو وڃي.

هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر انسان جو دماغ، ڏوهن ڏانهن ۽ خاص طور تي جنسي رغبت ڇو ٿو رکي. ايڏي وحشت ان ۾ ڇو آهي جو هو صحيح غلط جو فرق به وساريو ڇڏي. ان ڳالهه کي هن مثال مان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. هڪ گهر ۾ هڪ ٻار پيدا ٿئي ٿو. کيس هر ڪو پيار ڪري ٿو پوءِ هو جيئن جيئن  وڏو ٿئي ٿو سندس  وجود ۾ ايندڙ  تبديلي  کي محسوس نٿو ڪيو وڃي بلڪه سندس شرارتن تي کيس والدين استاد دوست سڀ ڇڙٻون ڏين ٿا، ان مان بيزاري ڏيکارين ٿا سندس خوبين ۽ خامين تي توازن رکڻ بجاءِ کيس هر وقت ٽوڪيو وڃي ٿو.

اهڙي ماحول ۾ ٻار جيئن  جيئن  وڏو ٿئي ٿو تئين ئي گهٽن محسوس ڪري ٿو. پنهنجن کان استادن کان دوست کان، آس پاس جي ماحول کان باغي ٿي وڃي ٿو. ايئن اهو برائين جي طرف مائل ٿئي ٿو ٻين کي اذيت ڏئي تڪليف  ڏئي کيس  راحت محسوس ڪري ٿو.  پنهنجي ننڍپڻ کان ٿيندڙ روين کي پنهنجي اندر انتقام وانگر رکي جلندو رهي ٿو پوءِ هو يا ته نشا ڪري ٿو يا خون ڪري ٿو يا وري جنسي زيادتي ڪري سڪون محسوس ڪري ٿو.

اسانجو معاشرو ئي خراب ۽ صحيح جو ماپو رکي ٿو. والدين هتي اها غلطي ڪن ٿا هو سمجهن ٿا ته ٻار کي نپايو وڏو ڪيو ۽ کيس پڙهائي پنهنجي زميواري پوري ڪرڻي آهي. اسان کي ڪڏهن اهو سيکاريو ئي ناهي ويو ته اول انسان کي پڙهيو وڃي، ان کي جانچجي ان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهجي، انساني ضرورت کي سمجهڻو آهي. اولهه ۾ انسان تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي وئي آهي پر اسان وٽ اڃان به انسان جي گهرجن کي کي سمجهڻ جي سگهه ئي ناهي. انساني جبلت کي اسين سمجهي نٿا سگهون. ڪو به ڏوهه پهنجو پاڻ وجود ۾ ناهي ايندو انساني روين جي منفي اثرن جي سبب ئي انسان ڏوهه ڏانهن مائل ٿئي ٿو،

هر انسان هن دنيا ۾ پنهنجو الڳ بنياد رکي ٿو. هو چاهي ٿو ته سندس وجود ۾ ايندڙ تبديلين کي آزادي سان رستو ڏنو وڃي ته جيئن  هو انهن جي نتيجي تي پهچي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو، اهڙا ڪيس آهن جيڪي دوستن جي ٺٺولين، استادن پاران هر وقت حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ والدين جي هر ننڍي وڏي ڳالهه تي طنز طعنا برائين ڏانهن ڌڪين ٿا جنهن ۾ منشيات واپرائڻ، خودڪشي ڪرڻ، خون ڪرڻ ۽  جنسي ڏوهن ۾ دلچسپي رکڻ آهي انهي ئي سبب کيس جتي به موقعو ملي ٿو هو ڏوهه ڪري ٿو ۽ ڏوهن مان ملندڙ تسڪين کيس بار بار ڏوهه ڪرائي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي انهن مرحلن، انهن روين مان گذرن پيا اهي يا ته منشيات جا عادي آهي يا لڄالٽ جي واقعن ۾ ملوث ٿين ٿا.

نوجوانن جي وقت تي شادي نٿي ڪرائي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ برائي جنم وٺي ٿي. الله به فرمايو آهي ته انسان جي عقل وارو ۽ بالغ ٿئي پنهنجي جسماني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ  صحيح طريقو اختيارڪري برائي ۾ نه وڃي ته سندن شادي ڪرائي وڃي. ڏاج جي ڪڌي رسم کي ختم ڪيو وڃي تعليم مفت ۽ عام ڪئي وڃي ۽ گهر گهر تعليم ڏني وڃي ته جيئن  معاشري مان برائين خاص طور تي جنسي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي

انهن ڏوهن جي روڪٿام  ۽ ماڻهن کي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ  حڪومتي سطح تي ورڪشاپ ڪوٺائڻ گهرجن. عورتن مردن کي انساني تبديلي ۽ انسان جي بنيادي ضرورت کي سمجهڻ ۽ ان جي حاصلات لاءِ  پڙهايو وڃي، صحيح رستا ۽ طريقا ٻڌايا وڃن.  استادن کي اسڪولن ۾ نوجوانن ۽ ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ سيشن رکڻ گهرجن. Bed touch good touch  جي سکيا به ڏني وڃي.  والدين کي به پنهنجي اولاد تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.