سنڌ جو خطو آڳاٽي تهذيب رکي ٿو هت تاريخ ۾ ترقي جي راز ڦيٿي جي ايجاد ۽ زراعت ۾ ترقي جي راز فصل جي ٻج جي پوکائي جو رواج سنڌ جون آڳاٽيون ايجادون آھن ۽ سنڌو درياهه جون موجون موهن جي دڙي جا راز ٻڌائين ٿا ته جڏهن دنيا اڃان شعور ۾ پير به نه پاتو هو تڏهن سنڌين جي سنڌ شعور، فن، انسانيت، ڳڻن ۽ ماڻھپي جي رنگ به رنڱجي سجاوٽ کان نه صرف باخبر هئي پر دنيا جي ڪيترن ئي خطن لاءِ سمجهھ سوڀيا ۽ ترقي جو ماڊل پڻ رهي آھي
هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ساريال۔جو فصل70 لک ايڪڙ تي مشتمل آھي جنهن ۾ 66سيڙو پنجاب ۾ 25 سيڪڙو سنڌ ۾ جڏهن ته 1750000 ايڪڙ سنڌ جي زمين تي ساريال جي پوکي ٿيندي آھي مجموعي طرح دنيا ۾ اسان جو ملڪ 10 نمبر تي اناج پيدا ڪندڙ آھي ۔ پر هن حڪومت جي دور ۾ سنڌ جا آبادگار جنهن پيڙا مان گذري رهيا آھن ان جو درد سنڌ جي هاري ۽ ننڍي آبادگار کان ڪير پڇڻ وارو ئي ڪونهي ۔ هن نگران سرڪار ۾ بي يارو مدد گار بڻيل سنڌ جي آبادگارن لاءِ هن وقت پاڻي ۽ زمين جي کاڌ ڀاڻ جو مسئلو آھي ۔
سنڌ جي لاڙ پٽي بدين سجاول ۽ ٺٽو ضلعو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن پر سڀ کان وڌيڪ ضلعو سجاول پاڻي جي کوٽ ۾ متاثر ٿي رهيو آھي ۔ پاڻي درياهه ۾ ته گهڻو آھي پر بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ضلعي سجاول جي زمينن تائين اڄ تائين پاڻي ناهي پهتو جنهن ۾ سجاول جاتي۽ شاهبندر تعلقن جا آبادگار سراپا احتجاج آھن جن جون زمينون سڪي ويون آھن ۔ سجاول بئراج جي انجنيئر فريد ميمڻ عملي ۽ پوليس سان گڏ منارڪي ريگيوليٽر جي زميندارن جيڪي ننڍا زميندار آھن انهن تي ڪوڙيون ايف آ آر داخل ڪرائي وڏن زميندارن کي فري هينڊ پاڻي پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي آھي ننڍو آبادگار جنهن جو 2 ايڪڙن کان 10 ايڪڙ تائين زمين آھي انهن تي ڪيس داخل آھن جڏهن ته سوين ۽ هزارين ايڪڙن وارن زميندارن جا ڪٽ ۽ پليون ڦٽا سري عام هلن ٿا انهن جو وار ونگو به نه ٿيو آھي ۔
ڪجھه اهڙا به زميندار آھن جيڪي يا ته مري ويا آھن يا فالج جهڙي موذي مرض ۾ بستري تي بي هوش پيل آھن انهن تي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن ۽ وري جن جو هڪ انچ به زمين جو ناهي ان تي به ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آھن ۔ڇهتو لارج ننڍي گونگڙي جي ننڍن آبادگارن هڪ طرف پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن ته ٻئي طرف ڪوڙن ڪيسن ۾ پريشان حال آھن ۔ ٻئي طرف ڀاڻ ۾ يوريا ، ڊي پي ۽ زرعي دوائن جا اگھه ھٿرادو کوٽ ڪري مافيا آبادگارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي جن سرڪاري اگھه کان ٽيڻ تي اگھه وڌائي پنهنجي من پسندي ۽ فني خاني ڪريون آبادگارن کي ڦريو لٽيو ويٺا آھن جيڪڏهن آبادگار يوريا ڀاڻ سرڪاري اگھه تي وٺي ته ڀاڻ جي کوٽ آھي جيڪڏهن ٽيڻان پئسا ڏي ته جيتريون ٻوريون ڀاڻ جو کپن ته ملي وڃن ٿيون ۔
ڪجهھ ڏينهن اڳ سجاول ۾ اي سي سائيمه فاطما جنهن ڪوشش ڪري بليڪميلر مافيا جي ڀاڻ جي گدامن ۽ ڀريل ٽيلرن تي ڇاپا هڻي ڀاڻ وصول ڪيو هو ۔ پر ٻيهر مافيا سرگرم ٿي وئي جنهن سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ خاطر ٻڌي ڪري آباد گارن کي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون ڏيئڻ جوبائيڪاٽ ڪيو آھي ۔ جنهن جو مقصد آبادگارن کي پريشان ڪري انتشار ڦيلائڻ آھي هڪ خبر موجب بلڙي شاھ ڪريم جي اي سي مختيار ڪار بلڙي، ايگريڪلچر جي ڊاريڪٽر سنڌ آباد گار شگر مل تي ڇاپو هڻي گدامن مان لکين ڀاڻ جون ٻوريون دوائن جا ڪارٽون ۽ کنڊ جون ٻوريون ظاهر ڪيون آھن ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ ڪارخانيدارن تي ڇاپا هڻي سوين ٻوريون هٿ ڪيو آھن ۔
هوڏانهن ٺارو شاھ ۽ احمد پور ۾ به ڀاڻ جي کوٽ ۽ مهانگي اگهھ تي ويڪري خلاف احتجاج پڻ جاري آهن ۔مطلب ته پوري سنڌ ۾ بليڪميلر مافيا سرگرم آھي اهيا ساڳي مافيا ٻه نمبر دوائون ۽ ٻج زميندارن کي ڏئي آبادگارن کي نقصان رسائي پاڻ اربين روپيا ڪمائي وٺن ٿا۔ هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومتي جي رٽ کي چيلنج ڪندڙ مافيا جو من ايڏو ڇو وڌيو آھي جو قانون جي پڪڙ کان مٿاهون بيٺل آھن ۔ ۽ جڏهن به ڪو آفيسر ڪرپٽ ماڻھن خلاف قدم کڻي ٿو ته ان کي مافيا خاموش ڪرايو ڇڏي ۔ تنهنڪري نگران سرڪار کي هن ليک ذريعي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ٿي ڪجي ته آبادگارن جي مسئلن تي ڌيان ڏي سنڌ جي زراعت کي مفلوج ٿيڻ کان بچائي ۔