اسان اهو سمجهندا ۽ چوندا رهيا آهيون ته جنهن به ماڻهوءَ کي جڏهن به ڪنهن ”عهدي“ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته ان کي اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي تاريخ طرفان پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو مليل هڪ سونهري موقعو ڀائيندا آهيون پر افسوس ته عام طور تي ماڻهو ان احساس وچان ڪم ناهن ڪندا. اهو به پنهنجي جاءِ تي الميو آهي ته ماڻهو وڏا وڏا عهدا سيڙائي ويٺا هوندا آهن نه پاڻ ڪم ڪندا آهن نه ئي ڪنهن ٻئي جي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪرسي خالي ڪندا آهن. حڪومتي، انتظامي، وڏين پگهارن، رعايتن ۽ مراعتن وارا عهدا ته ٺهيو پرماڻهو هڪڙن رضاڪاراڻن ڪمن وارن عهدن تي به چنبڙيا پيا هوندا آهن. جڏهن ته رضاڪاراڻا ڪم اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي سمجهندا آهن ته ڀلا ٽائيم آهي ته اهي سماجي ڪم ڪجن پر هاڻي رضاڪارن ڪمن ۾ به چنبڙي رهڻ جو دستور عام آهي. ڪم ڪرڻ جو ڪجهه نئون ڪري ڏيکارڻ جو تاريخ ٺاهڻ وارو جذبو ناپيد ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيڪڏهن اوهانکي وقت آهي، خدمت ڪرڻ جو ڪو جذبوآهي، ڪو پروگرام آهي، منصوبو آهي، مقصد آهي ته اوهان عهدن تي براجمان ٿيو پر جيڪڏهن اوهان وٽ وقت ناهي، ڪو جذبو ناهي، پروگرام منصوبو يا مقصد ناهي ته بهتر آهي ته اهڙي ڪنهن جذبي رکندڙ ماڻهوءَ کي موقعو ڏنو وڃي.
اسان ڏسندا آهيون ته حڪومت اندر وزارتون ورهايون وينديون آهن. وزارتون ۽ عهدا وٺڻ تي جهيڙا ٿيندا، تڪرار ٿيندا. انهن عهدن ۽ وزارتون نه ملڻ ڪري پارٽيون ڇڏيون وينديون پر وزارتون ۽ عهدا ملندا ته اهي ماڻي ڪنڊون وٺي ويهي رهندا. ڀلا جيڪڏهن اوهان کي ڪم ئي نه ڪرڻو هو ته پوءِ وزارتن جي ايڏي ڊوڙ، انهن تي جهيڙا ۽ تڪرار ڇو؟ ان کان ڇا اهو بهتر نه هو ته اهل ۽ حقدار ماڻهوءَ کي اها وزارت يا عهدو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي حصي جوڪم ڪجي ها.
اهو رويو ۽ اهو لاڙو اسانجي ماڻهن جو مجموعي مزاج ٿي ويو آهي ته نه پاڻ ڪم ڪبو نه ڪنهن ٻئي کي ڪم ڪرڻ ڏبو. اهو رويو حڪومتن، وزيراعظمن ۽ وزيرن ۾ به واضح طور نظر اچڻ لڳو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ دلچسپي جو عالم اهو هو ته ڪو واقعو ٿي ويندو هو ته چوندو هو ته مونکي ته ڪا خبر ئي ناهي. پاڻ ئي هڪ انٽرويو ۾ فرمايو هيائين ته ڪڏهن ڪڏهن خبرون ٻڌندي حيرت ٿيندي هئي ته گهر واري چوندي هئي ته تون جو وزيراعظم آهين ته حل ڪر نه اهي مسئلا ته کلي چوندو هو ته مون کان اهو به وسري ويندو آهي ته ڪو مان وزيراعظم آهيان.
اهي سڀ مٿيون ڳالهيون ۽ حوالا موجوده نگران حڪومت جي حوالي سان آهن ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کان وٺي ان جا وزير فرمائين ٿا ته اسان جو بنيادي ڪم چونڊون ڪرائڻ ناهي. اهو ڪم اليڪشن ڪميشن جو آهي اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي سهڪار تائين محدود آهي. هلو مڃيون ٿا ته اوهان چونڊن جو بار نٿا کڻو پر ڇا گڊ گورننس جو به ذمو نه کڻندئو. ڇا عوام جا مسئلا حل نه ڪندئو ۽ عوام کي ڪو رليف به نه ڏيندئو. نگران حڪومت ۾ جن کي وزارتون مليون آهن سي ڇا ٽن مهينن اندر عوام کي خوش ڪري دعائون نٿا ماڻي سگهن.
سو نگران حڪومت کي صلاح آهي ته اها تاريخ جي مليل سونهري موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي تاريخ ٺاهي ڏيکاري. نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ ۽ سندس وزيرن کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو عظيم موقعو مليو آهي تنهن جو ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. هونئن ته نگران حڪومت جوڙڻ جو بنيادي مقصد به جيڪر اهو ئي هجي ها ته نگران حڪومت ۽ ان جا وزير ننڍا ننڍا عوامي مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪن. مثال طور ڪٿي پگهارن ۾ رنڊڪ آهي، امن امان جو مسئلو آهي، مهانگائي آهي، دڪاندار ۽ واپاري طئي ٿيل اگهن کان مٿي شيون وڪڻن ٿا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. تعليمي دارن ۽ اسپتالن جون بنيادي گهرجون پوريون ڪيون وڃن. عدالتن ۾ جيڪي عام ماڻهن جا ڪيس سالن کان نٿا اڪلائجن سي تيزي سان هلايا وڃن، شهرن ۽ ڳوٺن جي صفائي سٿرائي، سيوريج جو نظام بهتر بڻائڻ، روڊن رستن جي مرمت وغيره جهڙا ڪم ته نگران حڪومت ڪري سگهي ٿي. ايئن جنهن به شخص کي جيڪي به وزارتون مليون آهن تن تي فرض آهي ته اهي پنهنجي حصي طور عوام کي رليف ڏين ۽ پنهنجين وزارتن ۾ مثالي ڪم ڪري ڏيکارين. سڌسماءُ جو ڪو وزير آهي ته اهو ميڊيا کي رهتون ڏيارڻ واري معاملي کي ٽاسڪ طور کڻي سگهي ٿو. پر ڏسڻ ۾ ايئن نٿو اچي.
ڏسڻ ۾ ايئن ٿو لڳي ته نگران حڪومت انتقامي ڪارروائي ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جي موڊ ۾ آهي. گذريل حڪومت جي وزيرن جي ڪرپشن خلاف ڪيس ٺاهڻ ۽ بيوروڪريسي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ نگران حڪومت وڌيڪ دلچسپي وٺي رهي آهي. عوام جي صورتحال ”ادو ڄائو ادي ڄائي اسان اتي جوا تي“ واري آهي . سو نگران حڪومت به روايتي سياسي ماحول برقرار رکڻ تي توانايون خرچ ڪري رهي آهي جنهن سان ظاهر آهي ته نه انکي فائدو ٿيندو نه ئي عوام کي اهو سڀ وقت ضايع ڪرڻ جي برابر آهي. ڇاڪاڻ ته هتي هر دور ۾ گذيل حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي خلاف انتقامي ڪارروائي جو رواج آهي ۽ پوءِ ٿيندو به ڪجهه ناهي.
سو جيڪڏهن نگران حڪومت ۽ انجي وزيرن کي ڪجهه ڪرڻو ئي ناهي، رڳو وقت ضايع ئي ڪرڻو آهي ته اهو بهتر نه هو ته نگران حڪومت انهن ماڻهن جي حوالي ڪجي ها جن ۾ عوام جي خدمت جو ڪو جذبو هجي ها ۽ تاريخ طرفان مليل سونهري موقعي مان فائدو وٺي پنهنجي تاريخ ٺاهي ڏيکاري ها.