ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل تي سفري پابندي کي غير قانوني قرار ڏيندي سندس نالو نو فلاءِ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ۽ جسٽس سردار احمد حليمي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت سڀني ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي اڄ صبح فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو هاڻ ٻڌايو ويو آهي.
عدالت سردار اختر مينگل تي سفري پابندي غير قانوني قرار ڏيندي سندس نالو نو فلاءِ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
You might also like