پ پ ۽ ميئر ڪو سڌي طريقي سان ڪم ڪري ته هزارين ڊالر انعام رکڻ گهرجي: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پ پ ۽ ڪراچي جو ميئر ڪو ڪم سڌي طريقي سان ڪري ته هزارين ڊالر انعام رکڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته گرين لائن جو منصوبو ڪجهه مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، 18 سيپٽمبر تي گرين لائن منصوبي تي ڪم روڪيو ويو، 2017 ۾ گرين لائن جو اين او سي ورتو ويو هو، ان تي ڪم کي زبردستي روڪيو ويو، ڇو ته ان جو ڪريڊٽ ايم ڪيو ايم کي ملڻو هو، ڪراچي جي ميئر کان اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت اڃا ريڊ لائن منصوبي ۾ ڦاٿل آهي، ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي پ پ مڪمل ناهن ڪيا، مان ڳڻائي سگهان ٿو، پ پ کان عوامي منصوبي ۾ رليف جي اميد نه ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته 2008 کان هيل تائين ڪي فور منصوبي تي ڪجهه نه ٿي سگهيو، اهو منصوبو رڳو ايم ڪيو ايم جي ڪري مڪمل ٿيڻ وارو آهي، هڪ مسئلو اهو آهي ته پاڻي اچي ويندو پر ان جي ورڇ جو ڇا ٿيندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.