”فاطمه جي خون سان انصاف ڪريو“ حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) سياسي جماعتن جي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي  جي نمائندن راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏئي سنڌ جي نياڻين کي تحفظ ڏيڻ جي گُھر ڪئي آهي. جرنلسٽس رائٽرس سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس جي سڏ تي ڪالھ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي تنظيم جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري، جوائنٽ سيڪريٽري نظير پنهور، ظفر هڪڙو، فهيم ٻٻر، نياز وگھيو ۽ ٻين ڪئي، ريلي جڏهن پريس ڪلب پهتي ته اتي ڌرڻو هنيو ويو،  ڌرڻي ۾ معصوم نينگري پرهه ۽ فقير ياسين طرفان نياڻين تي حويلين ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف شعور ۽ تعليم ڏيڻ جي حوالي سان ٽيبلو پيش ڪيو ويو، ٽيبلي ۾ نياڻي فاطمه جي ڪردار ۽ سندس قتل جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ جھڙن منظرن کي ڏسي ماڻھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ان موقعي تي جي ڊبليو جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان معصوم نياڻي سان ٿيل ظلم خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهيون، جتي پکي به پر نه هڻي سگھندو هو، اڄ ان حويلين ۾ رهندڙ پير پريشان آهن. هن چيو ته هاڻ معصوم فاطمه جي خون کي لوڙهڻ لاءِ ڊاڪٽر بغير ڪنهن جواز جي ميڊيڪل رپورٽ ظاهر نه ٿا ڪن، گرفتار ٿيل جوابدار اسد شاهه کي پوليس صرف نالي ماتر گرفتار ڪري چند منٽ ٿاڻي تي رکي کيس سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي سيڪريٽري شوڪت نوناري چيو ته اسان مظلوم ماڻهن جي هر ڏک ۾ ان وقت تائين گڏ هونداسين، هاڻ ته حويلين مان به وڌيڪ جوابدارن جا نالا اچي رهيا آهن، اسان ڪنهن به گادي ۽ پيرن سان دشمني نه ٿا رکون، اسان هڪ سوچ جي خلاف آهيون پوءِ اهي ڪهڙي به روپ ۾ هجن. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ درگاهون ڍونگي پيرن لاءِ روزگار بڻجي ويو آهي، صاف ڳالهه لڳي پئي آهي ته معصوم فاطمه جو قاتل ڪير آهي پوءِ به پوليس ڊارمو ڪري مختلف ماڻهن کان ڊي اين اي وٺي ڪيس خراب ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ڪمري ۾ اسد شاهه ستل آهي  ان ئي ڪمري ۾ معصوم نياڻي تڙپي تڙپي مري وئي ان ئي جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته هن وقت سنڌ ۾ تڏو وڇايل آهي، هڪ تڏو کڻون ٿا ته ٻيو واقعو اچڻ ڪري ان جي ڏک ۾ شامل ٿي وڃون ٿا، رياست جي ذميواري عورتن، ٻارن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي، پر جڏهن سنڌ ۾ مسڪين ماڻهو عورتون ۽ ٻار مارجن ٿا ته هي سوال جنم وٺي ٿو ته ڇا رياست پنهنجون اهي سڀ ذميواريون سنڀالڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، جن جي اها ذميوار آهي. هن چيو ته لڳي ائين رهيو آهي ته رياست عوام کي جاگيردان ۽ سردارن جي حوالي ڪري غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. سماج سڌارڪ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهنواز دل چيو ته هن وقت سنڌ جي هر فرد کي ان معاملي تي گڏ بيهڻو آهي، هي احتجاج سنڌ جي هر شهر ۾ ڪرڻ گهرجن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سرمد راڄپر چيو ته صرف فاطمه ڦرڙو سان ظلم نه ٿيو آهي، پر اهڙيون نياڻيون لکن جي تعداد ۾ آهن جن کي حويلين ۾ قيد ڪري ظلم ڪيو پيو ڃي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽرگلزار جماڻي چيو ته هن معاشري ۾ تعليم سان ئي اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي ٿو. ناليواري اديب ۽ ليکڪ نصير مرزا چيو ته معصوم فاطمه اسان سڀني جي نياڻي آهي ان لاءِ پوليس هجي يا ڊاڪٽر انهن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهڙن واقعن کي هٿي ملڻ بدران روڪيو وڃي. ناليواري وڪيل اڳواڻ ستار سرڪي چيو ته سنڌ جي عوام کي هن وقت پيرن، ميرن ۽ جاگيردان جي چنبي ۾ ڏنو ويو آهي،عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ لطيف لغاري چيو ته سنڌ جو شعور نياڻي فاطمھ جي وارثن سان گڏ آهي، هاڻ هزارين اهڙين نياڻين سان ٿيل ظلم جو داستان ظاهر ٿي رهيو آهي، ان لاءِ هاڻ اسان کي اهڙن چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي اڳواڻ عورت زمرد ڀٽي چيو ته سنڌ ۾ تعليم جهڙو شعور ڏيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو پنهنجي نياڻين کي پيرن جي حويلين ۾ نه ڇڏين. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاهه چيو ته سنڌ جي ڄائي فاطمه جي قتل کانپوءِ سندس والدين سان هاڻ سنڌ جو شعور گڏ بيهي جنگ وڙهي رهيو آهي، ريلي ۾ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمين جي انچارج عاشق ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ وفد شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش، سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ، سينئرصحافي اعجاز لغاري، سينئر صحافي اظهار سومرو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ثمر جتوئي، سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو، ايس يو پي اڳواڻ غفار چانديو، عبدالسميع چانڊيو، سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني، انساني حقن جي تنظيم اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، سينيئر صحافين محمد شاهد شيخ، ساجد علي خان، راجا انور چانڊيو، ايل بي کوسو، وڪيل ذوالفقار ٿيٻو، حسيب لطيفي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • ڪفن ۾ ويڙهيل فاطمه، ٽيبلو ڏسي هر اک آلي

حيدرآباد: ڌرڻي ۾ معصوم نياڻي فاطمھ جي موت واري واقعي تي ٽيبلو پيش ڪيو ويو، ٽيبلو ۾ شاگردياڻي پرھھ اڇي ڪپڙي ۾ پاڻ کي ويڙھي  ڪفن پھريل لاش بڻجي راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ قتل ڪيل فاطمھ جو ڪردار نڀايو ۽ آرٽسٽ فقير فاطمھ جو ڪردار ادا ڪندڙ نياڻي کي ھنج ۾ کڻي فاطمھ جي قتل کانپوءِ درد، تڪليف ۽ پيڙا کي لفظن ۾ پئي بيان ڪيو، ٽيبلو ۾ نياڻي فاطمھ جي ڪردار ۽ سندس قتل جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ جھڙن منظرن کي ڏسي ماڻھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، ڌرڻي ۾ ڪي ماڻھو اھو ڪردار ڏسي بھ نھ پئي سگھيا، ان دوران ماحول بھ سوڳوار ٿي ويو. ٽيبلو جي اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آھي، وڏي انگ ۾ ماڻھو اھا وڊيو شيئر بھ ڪري رھيا آھن.

  • فاطمه ۽ رضوانه واقعن تي شديد ڏک پهتو: ماهره خان

ڪراچي (م ڊ) فاطمه ۽ رضوانه جي واقعن تي اداڪارن به مذمت ڪئي آهي، اداڪاره ماهره خان چيو ته فاطمه ۽ رضوانه سان پيش ايندڙ واقعن تي شديد ڏک پهتو آهي، ٻارن سان پيش ايندڙ تشدد، قتل ۽ زيادتي جي واقعن تي خاموش نٿو ويهي سگهجي، ماهره خان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ چائلڊ ليبر اينڊ  ٽريفڪنگ جي خاتمي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مڪمل نظام بڻايو وڃي، ادڪار احسن خان چيو ته ميڊيا جي ذريعي، مثال طور فلمز، ٽي وي يا ٽاڪ شوز ڪنهن به نطريي کي قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، دنيا جا سياستدان اهو ڪري رهيا آهن، اسان جي اسڪرپٽس يا اسان جي ٽي وي شوز ۾ چيل ڳالهه جو وڏو اثر هوندو آهي، هن چيو ته چينل مالڪن، پروڊيوسر ۽ ايڪٽرز جي لاءِ باقاعده هڪ پاليسي هجڻ گهرجي جنهن ۾ اصلاحي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي.

  • فاطمه قتل ڪيس اي ٽي سي خيرپور منتقل، اسد شاهه جي رمانڊ ۾ واڌ

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ڀرسان راڻيپور سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت فاطمه قتل ڪيس ۾ جوابدار اسد شاهه جو ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز ميراسي کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي  اڄ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏھن ته جاچ دوران حراست ۾ ورتل ايس ايڇ او امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، اڳوڻي ايم ايس علي حسن وساڻ کي بي گناھ قرار ڏيڻ واري جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي ۽ جي آءِ ٽي پاران ڪيل جاچ رپورٽ تي فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر اتفاق ڏيکاريو جنھن بعد عدالت حراست ۾ رکيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي پاسي فاطمه فرڙو قتل ڪيس ۾ سندس امڙ شبنم فرڙو جي وڪيل ايڊوڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو ، ايڊوڪيٽ بختاور شيخ، ايڊوڪيٽ صفيا لاکو، سهيل ميمڻ ۽  لائيرز ٽيم ميڊيا کي ٻڌايو ته فاطمه فرڙو ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي،  ڪيس هاڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ٿي ويو آهي، جوابدار سهڪار نه پيو ڪري، هنن چيو ته فياض  شاهه ۽ حنا شاهه کي به گرفتار ڪيو ويندو، ڪيس جو پيڇو نه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.