اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد جي سيڪٽر ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين شاهه محمود قريشي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد: سيڪٽر ايڪٽ جي عدالت پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين شاهه محمود قريشي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ايف آءِ اي شاهه محمود کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو. ذريعن موجب ٻڌڻي دوران جج شاهه محمود جي جاچ بابت ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪهڙي جاچ ڪئي وئي؟ عدالت شاهه محمود جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.