ڪي اليڪٽرڪ فيڊر بدران پي ايم ٽي بنياد تي لوڊشيڊنگ ڪري: نيپرا

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو آهي ته فيڊر بدران پي ايم ٽي ريڪوري جي  بنياد تي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. مڪمل بلنگ تي به لوڊشيڊنگ بابت ڪراچي جي هڪ واهپيدار جي درخواست تي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي واضح حڪم ڏيندي چيو ته قانون موجب فيڊر بدران پي ايم ٽي ريڪوري جي بنياد تي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، پي ايم ٽي سطح تي ريموٽ پاور سسٽم ذريعي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. نيپرا چيو آهي ته اي ٽي اينڊ سي لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ نيپرا ايڪٽ 2005 جي خلاف آهي، لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڪي اليڪٽرڪ جو رويو غير ذميواراڻو آهي. نيپرا طرفان واهپيدار جي خط جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو آهي، جائزو وٺي رهيا آهيون، مڪمل بلنگ تي لوڊشيڊنگ جي درخواست تي قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.