سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ سهولتڪاري ڪرڻ تي گرفتار ٽن جوابدارن بخش علي، بابر ۽ منور مهر کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي سخت سڪيورٽي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پيشي دوران پوليس جوابدارن کان جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ عدالت کان وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي جنهن تي عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو جنهن تي پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڪچي واري علائقي ۾ پناهه ورتي آهي، قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. جنهن بعد عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 6 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٽنهي گرفتار جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي ته جاچ دوران گرفتار جوابدارن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن سان رابطن جي تصديق ڪئي آهي، جوابدارن جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدار ھنن وٽ موجود ھئا.